دادو(سٽي رپوٽرفدا حسين پنهور) ڪي اين شاهه جي ڳوٺ سهراب ٿلهو جي رهواسين عورت ۽ ٻارن مسمات صحت خاتون، پٽن غني کوسو، ارشاد، عرفان کوسو سان گڏ ڪ...
دادو(سٽي رپوٽرفدا حسين پنهور) ڪي اين شاهه جي ڳوٺ سهراب ٿلهو جي رهواسين عورت ۽ ٻارن مسمات صحت خاتون، پٽن غني کوسو، ارشاد، عرفان کوسو سان گڏ ڪي اين شاهه پوليس خلاف دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڪي اين شاهه پوليس با اثرن جي چرچ تي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد سندس مڙس حڪيم کوسو، پٽ لياقت ۽ ميهر کوسو کي کنڀي کڻي وئي آهي، هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڀائيٽي نوجوان گل کوسو ناري حميده کوسو سان پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ويا هئا، ناري عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي مرضي موجب ان نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي آهي اهڙو عدالتي ليٽر ڪي اين شاهه ٿاڻي تي پهچڻ باوجود پوليس ناري جي وارثن جي چرچ تي گرفتاريون ڪيون آهن، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بنا جواز گرفتار ڪيل سندس مڙس ۽ پٽن کي آزاد ڪري پوليس خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

COMMENTS