پريالوء(رپورٽ صوبل اوڍو)پريالوء ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب ڳوٺ کوسه پل جي ڪيتري ئي عرصي کان صاف سٿرائي نه ٿي سگهي،گندگي خلاف ڳوٺاڻن جو سخت...
پريالوء(رپورٽ صوبل اوڍو)پريالوء ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب ڳوٺ کوسه پل جي ڪيتري ئي عرصي کان صاف سٿرائي نه ٿي سگهي،گندگي خلاف ڳوٺاڻن جو سخت احتجاج،گندگي سبب تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آھيون،رهواسين جو ٽائون چيئرمين خلاف سخت احتجاج،تفصيل موجب پريالوء شھر ٽائون ملازمن جي نااهلي سبب مسئلن جي ور چڙھي ويو هر طرف گندگي ڦھليل روڊ رستن تي گندو پاڻي بيٺل هر طرف ڪچري جا ڍير کوسه پل جي رهواسين لالو خان بڙدي،عبدالحليم بڙدي،شيرعلي بڙدي،نثاراحمدبڙدي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گندگي سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھيون،هنن وڌيڪ چيو نااهل ٽائون چيئرمين ۽ انتظاميه جي ڪرپشن ۽ نااهلين سبب ڳوٺ جا مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي رهيا آھن ڳوٺ جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي ويو آھي جنهن سبب هر طرف گندي پاڻي جا تلاء نظر اچي رهيا آھن احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته گندگي سبب ڳوٺ جي نياڻين ۽ اسڪول جي شاگردن ۽ رهواسين کي اچڻ وڃڻ سخت تڪليف ٿي رهي آھي اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٽائون چيئرمين ۽ انتظاميه خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڳوٺ جا مسئلا حل ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج وڌايو ويندو

COMMENTS