خيرپور (النور نيوز) خيرپور جي عدالت مسلسل غيرحاضر رهندڙ خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي، پنج ڄڻا اشتهاري قرار، ڊزن کان وڌيڪ جا ناقابل ضمانت گرفتاري...
خيرپور (النور نيوز) خيرپور جي عدالت مسلسل غيرحاضر رهندڙ خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي، پنج ڄڻا اشتهاري قرار، ڊزن کان وڌيڪ جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ قتل ڪيس ۾ فريادي محمد شريف ولد غلام رسول مري ۽ گواهه نصير ولد شمس الدين ميمڻ خلاف قلم 87/88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏيئي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سول جج صيف الله ڦلپوٽو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ فراڊ ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل رحيم يار خان جي رهواسي محسن علي ولد رياض احمد دائود پوٽو ۽ چوري جي هڪ ڪيس ۾ جوابدار حب چوڪي لسبيلا بلوچستان جي رهواسي نظر محمد مگسي ۽ نارا جي علائقي چونڊڪو جي رهواسي راجه عرف خوبچند ديوان کي پڻ اشتهاري قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج فيض محمد ڀٽي جي عدالت سب انسپيڪٽر نثار احمد مغل ۽ صدورو ولد غلام محمد مري جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ٿرڊ سول جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو جي عدالت عمار ولد حبيب الله ميمڻ، جميل احمد بگٽي، جليل احمد بگٽي، خليل احمد بگٽي، عبدالصمد ولد محمد يوسف خواجه ۽ عبدالفتاح ولد رحيم بخش ڪٽوهر جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي.

COMMENTS