خيرپور (النور نيوز) ڄامشورو جي ناري ڪنگري جي نوجوان سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن طرفان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ جي خوف کان دربدري جو شڪار، ...
خيرپور (النور نيوز) ڄامشورو جي ناري ڪنگري جي نوجوان سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن طرفان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ جي خوف کان دربدري جو شڪار، عدالت تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق ڄاشورو جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات قائم خاتون ڌيءَ نواز علي گهلو گهران نڪري تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ محمد بچل گهلو جي رهواسي نوجوان عبدالقيوم ولد شمن علي گهلو سان پنهنجي وڪيل جي معرفت عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ناريءَ جي مائٽن هٿان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ جي خوف کان دربدري جو شڪار ٿي ويا آهن. ناريءَ جي مائٽن علي مراد ولد محمد ابراهيم کهاوڙ، نبي بخش ولد محمد ابراهيم کهاوڙ، دوست محمد ولد محمد انور کهاوڙ، ثناءُ الله ولد اميد علي کهاوڙ ۽ نثار علي ولد اميد علي کهاوڙ جي ڌمڪين سبب پنهنجي وڪيل سيد ذوالفقار علي شاهه جي معرفت سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائيندي ڄاڻائيو ته هنن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي مگر مائٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا. جنهن ڪري کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن. اهڙي پٽيشن داخلا بعد فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانديو جي عدالت پريمي جوڙي کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ۽ احمدپور ٿاڻي جي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

COMMENTS