خانپورمهر(رپورٽ نواب علي ميراڻي ) خانپورمهر ويجهو خيرپور جي مغوي نارين جي بازيابي لاءِ پوليس جون چڙهايون، الزام هيٺ آيل ڌر پوليس کان اڳ ئي گ...
خانپورمهر(رپورٽ نواب علي ميراڻي ) خانپورمهر ويجهو خيرپور جي مغوي نارين جي بازيابي لاءِ پوليس جون چڙهايون، الزام هيٺ آيل ڌر پوليس کان اڳ ئي گهر خالي ڪري وئي، خيرپور پوليس سرچ آپريشن باوجود نارين کي هٿ نه ڪري سگهي، الزام هيٺ آيل شخص جي گهر ۾ ڪئمپ قائم، خبر موجب خيرپور ضلعي جي نارو تعلقي مان گذريل آچر ۽ سومر واري رات مبينا طور تي اغوا ٿيل ٻن نارين شبنا ۽ مينا رڏ جي بازيابي لاءِ خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس فدا اعواڻ جي اڳواڻي ۾ خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لال خان پتافي تي چڙهائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ليڊيز پوليس کي ساڻ ڪري گهر گهر تلاشي ورتي پر مبينا اغوا ڄاڻايل ناريون هٿ نه ٿيون جڏهن ته اغوا جي الزام هيٺ آيل الهوسايو پتافي پوليس جي اچڻ جي کڙڪ پوڻ تي اڳ ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گهر ۾ خيرپور پوليس ڪئمپ ڪري ورتي آهي...

COMMENTS