گڏاپ(رپوٽ اسدعلي جتوئي ) گلشن معمار جي ڀرسان سلفيه سوسائٽي جي بلڊر قوي خان، مينيجر فھد پنھنجا پرائويٽ ھٿيار بند بيھاري قديمي ڳوٺاڻن جو واح...
گڏاپ(رپوٽ اسدعلي جتوئي ) گلشن معمار جي ڀرسان سلفيه سوسائٽي جي بلڊر قوي خان، مينيجر فھد پنھنجا پرائويٽ ھٿيار بند بيھاري قديمي ڳوٺاڻن جو واحد رستو بند ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻا بيمار مريضن، ۽ اسڪولي ٻارن کي اسڪول پھچائڻ لاء سخت پريشان، ڀر پاسي جي چار ڳوٺن ڪريم ڳوٺ، مراد ڳوٺ،گھرام ڳوٺ جي ڳوٺاڻن جا معزز بلڊر سان ملڻ ويا ته بلڊر ڳوٺاڻن سان ملڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ان رويئي تي ڳوٺاڻن عبدالستار مري، ثاقب شاھاڻي،محمد حيات،طراب، عبدالباسط، ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ويسٽ جي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جا ڳوٺ قديمي آھن، سلفيه سوسائٽي ھاڻي ٺھي رھي آھي جيڪو بلڊر اچڻ سان ڳوٺاڻن جي رستي تي ھٿيار بند بيھاري نو گو ايريا بڻائي ويٺو آھي ان رياست جي اندر ھڪ رياست قائيم ڪري ڇڏيو آھي، ان ڪري ڳوٺاڻن جي واحد رستي کي بند ڪرڻ سان عبدالله گبول ڳوٺ ۽ گلشن معمار ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن اسپتالن ۾ ويندڙ مريضن سان گڏ مزدوري تي ويندڙ ڳوٺاڻن سان سلفيه سوسائٽي جا ھٿيار بند غنڊه روز جھڳڙو ڪري رھيا آھن جنھن ڪري ڪنھن به وقت وڏي خونا ريزي ٿئڻ جو خدشو آھي، انھن وڌيڪ ٻڌايو ته بلڊر جي بدماشي جي حد تڏھن ٿي وئي جڏھن ڳوٺ جا معزز بلڊر قوي سان ملڻ ويا ته ان ملڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته وڃو اوھان ڳوٺاڻن جيڪو وڻي ان کي ٻڌايو، اسان ھي رستو ڳوٺاڻن لاء نه ٺاھيو، ان ھٿيار بندن کي چئي اسان کي نڪري وڄڻ جو چيو، انھن چيو ته اسان وزيرعلى! سنڌ گورنر سنڌ، علاقي جي چونڊيل نمائندن کي چونداسين ته ھن غنڊه گرد بلڊر کي چئي اسان ڳوٺاڻن لاء رستو بھال ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان سخت اتجاج ڪري بلڊر جو رستو بند ڪنداسين ان جو ڪو به نقصان ٿئي زميوار بلڊر ھوندو،

COMMENTS