ڪراچي: (اربع 26 فيبروري 2020ع) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد پاڻ مٿان ۽ ٻين پوليس آفيسرن تي حملي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پ...
ڪراچي: (اربع 26 فيبروري 2020ع) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد پاڻ مٿان ۽ ٻين پوليس آفيسرن تي حملي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي شڪار ڊاڪٽر رضوان طرفان آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي وزيرن امتياز شيخ ۽ سعيد غني کان مون کي خطرو آهي. ڊاڪٽر رضوان احمد پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته مذڪوره سياستدانن جي بيانن کان پوءِ ڪچي جي ڌاڙيلن طرفان حملي جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ڇو ته ڌاڙيلن کي سياستدانن جي حمايت حاصل آهي.
ياد رهي ته جنوري 2020 ۾ ايس ايس پي شڪارپور طرفان هڪ رپورٽ سامهون آئي هئي جنهن ۾ الزام لاڳو ڪيو ويو هو ته صوبائي وزير امتياز شيخ ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. پوليس رپورٽ ۾ امتياز شيخ جي ڀاءُ مقبول شيخ ۽ پٽ فراز شيخ جي ڏوهارين سان ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه جو رڪارڊ به شامل ڪيو ويو.
ان رپورٽ جي خلاف امتياز شيخ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته امتياز شيخ تي الزامن کان پوءِ ان وقت جي مڪاني کاتن جي وزير سعيد غني به پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان کي تنقيد جو نشانو بنايو هو.

COMMENTS