ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ تعلقي پوليس اسٽِشن جي حد ۾ ہنج مھينا اڳ معصوم نريش کي گلو ڪپي قتل جي الزام ۾ نامزد گرفتار ٿيل جوابدارمقتول نر...
ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ تعلقي پوليس اسٽِشن جي حد ۾ ہنج مھينا اڳ معصوم نريش کي گلو ڪپي قتل جي الزام ۾ نامزد گرفتار ٿيل جوابدارمقتول نريش جي ڀاڄائي انيتا کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي عدالت بري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ميرپورخاص ويجھو تعلقو پوليس اسٽِشن جي حد ۾ و معصوم نريش ڪولهي کي ڪمند جي فصل ۾ گلو ڪپي قتل ڪيو ويو ھو جنهن ڪيس جي مک جوابدار سندس ڀاڄائي انيتا تي وارثن پاران قتل جو ڪيس داخل ڪراڀو ھو. جنهن م پوليس انيتا جي نشاندھي تي ٻن جوابدارن ورجانگ ء لڇمڻ ڪولھي کي گرفتار ڪري ٽنڊو آدم ٽيب جوابدار جي گرفتاري لاء وڃي تھي ھۂي تہ رستي ۾ پوليس موبائل سان حادثو پيش اچڻ ڪري گرفتار ڪيل جوابدار ورجانگ ۽ لڇمڻ فوت ٿي ويا انهي واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار به زخمن ٿيو ھو جيڪو بعد م زخمن جا سورنه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويوهو. هڙو واقعو پيش اچڻ بعد سياسي سماجي اڳواڻن جي روڊ تي ڌرڻا لڳائڻ تي ٽن پوليس آفيسرن تي به قتل جي ايف آئي آر ڪٽي وئي ھۂي .. جيل ڪسٽڊي ۾ نريش ڪيس ۾ گرفتار ملزمہ انيتا جا مختلف بيانن بدلي ٿيندا رهيا عدالت گواهن کي مدنظررکندي مقتول جي ڀاڄائي انيتا تي ڏو نه ثابت ٿيڻ تي عدالت انيتا کي بري ڪري ڇڏيو

COMMENTS