گمبٽ(رپورٽ آصف علي ڪلهوڙو)گمبٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جسقم ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن گمبٽ ڦول باغ کان ريلي ڪڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاج...
گمبٽ(رپورٽ آصف علي ڪلهوڙو)گمبٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جسقم ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن گمبٽ ڦول باغ کان ريلي ڪڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري ايس ايڇ او گمبٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ڌرڻي سبب گمبٽ راڻيپور لنڪ روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون بيجهي ويون،ان موقعي تي مظاهرين زاهد شنڀاڻي،محبت شنڀاڻي،ڪامريڊ اعجاز ڦلپوٽو،حفيظ اڄڻ ۽ وسيم صحافين کي ٻڌايو ته ڪجھ مهينن کان وٺي گمبٽ تعلقي ۾ بدامني جي باھ ٻري وئي آهي ۽ شهر مان روزانه قتل،اغوائون،ڦرون ۽ ٻيون ڏوهي سرگرميون عروج تي پهچي ويو آهن پر بدامني کي پوليس ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي ايس ايڇ او گمبٽ مڪمل ناڪام بڻجي ويو آهي جنهن سبب شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهي، مظاهرين جو چوڻ هيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ تاج ڪالوني مان جوابدارن عورت عابدا ۽ معصوم ٻارڙي کي سرعام بيدردي سان قتل ڪيو ۽ ان جو مک جوابدار ته گرفتار ٿيو پر باقي جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ گمبٽ پوليس ناڪام بڻيل آهي جڏهن ته رات به گلو سيال ۾ نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا هنن جو چوڻ هيو ته ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز خلاف ڪابه جاچ نه پيو ڪري ۽ پوليس آفيسر ٿاڻن تي رشوت جي بازار گرم بڻيل آهي بدامني کان شاگرد به محفوظ ناهن مظاهرين آءَ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام،ايڊيشنل آءِ جي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته گمبٽ ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او گمبٽ کي هٽائي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شهر ۾ بدامني کي ٻجو اچي سگهي،

COMMENTS