سکر(بيورو رپورٽ) پي ٽي آء سکر ريجن جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيوآھي ته وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي هدايتن تي وفاقي وزير منا...
سکر(بيورو رپورٽ) پي ٽي آء سکر ريجن جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيوآھي ته وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي هدايتن تي وفاقي وزير منافعي خورن خلاف ڪاروائي واري عمل کي جاري رکندي غريب عوام کي رليف فراهم ڪندي تڪڙا قدم کنيا آھن عمران خان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي عام ماڻھن کي سستو سامان خريدڻ جي سهولت لاء فنڊ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي جنهن سان عوام کي لاڀ حاصل ٿيندو اهڙو اظھار هن سندس صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو اجلاس ۾ وڪيل جئه نند ڪمار۔عبدالجبار جتوئي ۔عبدالغفار ڪلوڙ۔صفدر مغل۔محمد امين جوڻيجو سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي سخت هدايتن تحت وفاقي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاء ڀرپور ڪوششون ڪري پئي انشاء الله جلد ئي عوام کي رليف ملندو احساس پروگرام سان غريب ماڻھن کي گهر جو چلهو بحال رکڻ ۾ مدد ملندي هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي دلاسن کانسواء ڪجھ به ناهي ڏنو سڄي سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو آھي سنڌ جو عوام پ پ کان بيزار ٿي چڪو آھي سکر سميت سنڌ جا شھر ۽ ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھن ربنواز ڪلوڙ چيو ته جلد ئي وزير اعظم سکر جو دورو ڪندو۔ ڪارڪن وزيراعظم ۽ پي ٽي آء جي ويزن تحت عوام سان رابطن وارو سلسو جاري رکن ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آھن پاڪستان جي معيشت مستحقم ٿي رهي آھي خوشحالي وارو وقت شروع ٿي چڪو آھي

COMMENTS