خيرپور (رپورٽر) چوڏهن مهينا اڳ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪارو قرار، جوڙي جو خيرپور ۾ احتجاج، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق چوڏهن مهينا اڳ ...
خيرپور (رپورٽر) چوڏهن مهينا اڳ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪارو قرار، جوڙي جو خيرپور ۾ احتجاج، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق چوڏهن مهينا اڳ تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي جي رهواسي نوجوان اسد ولد غلام قاسم رڏ سان پسند جو پرڻو ڪندڙ تعلقه سوڀوديرو جي ڳوٺ مڏ جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات خانزادي ڌيءَ چنيسر پتافي وارو معاملو شدت اختيار ڪري ورتو آهي. ناريءَ جي وارثن ناريءَ جي پسند پرڻي تي ناراض ٿي پتافي برادري جي چڱن مڙسن ۽ سردارن جرڳو ڪرائي پريمي جوڙي کي ڪارو قرار ڏيندي کين مارڻ جي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن نوجوان ناري مسمات خانزادي پتافي ۽ نوجوان اسد رڏ خيرپور ۾ صحافين آڏو پهچي پنهنجي مائٽن چنيسر، گلبهار، ديدار، بشير ۽ وحيد پتافي مٿان الزام مڙهيو آهي ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تان مائٽن ناراض ٿي اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته خيرپور جي عدالت ۾ پڻ مائٽن چنيسر، گل بهار، ديدار، بشير ۽ وحيد پتافي خلاف ڪيس داخل ڪرائيو جتان سيشن جج ڪوٽڏيجي ٿاڻي ۽ سوڀوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هدايت ڏني آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي مگر پوليس اسان جي ڪابه مدد نٿي ڪري جنهن سبب اسان دربدري واري زندگي گذراي رهيا آهيون. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن.

COMMENTS