$type=ticker$count=12$cols=4$cate=0

سنڌ جي توانائي واري کاتي جي وزير امتياز احمد شيخ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاهه شيرازي سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪري عوامي مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ موقعي تي ئي مسئلن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا.

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي توانائي واري کاتي جي وزير امتياز احمد شيخ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاهه شيرازي سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري منعق...

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي توانائي واري کاتي جي وزير امتياز احمد شيخ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاهه شيرازي سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪري عوامي مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ موقعي تي ئي مسئلن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ضلعي چيئرمين محمد تقي خان ڌاريجو، ڊي سي سکر رانا عديل تصور، ايس پي سکر عرفان سمون سميت سمورن کاتن جا اعلي آفيسر ۽ چونڊيل بلدياتي نمائندن شرڪت ڪئي. جڏهن ته سوين ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل لاء سرڪٽ هائوس پهتا،  ۽ انهن سکر ۽ روهڙي شهر ۾ مينهن جي واڙن ، روينيو، پوليس ۽ سيپڪو جي ناجائزين جون شڪايتون ڪيون، جڏهن ته توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ بجلي جي واڌو بلن بابت شڪايتن تي ايگزيڪٽو انجينئرسيپڪو کي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سندس کاتي جا اليڪٽرڪ انسپڪٽر وڌايا ويندا ۽ عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي پوري ڪوشش ڪيون پيا. صوبائي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن جو ڄار ويڇايو ويو آهي، پي ٽي آءِ سرڪار اچڻ کانپوءِ 145 ارب رپيا سنڌ کي گهٽ مليا آهن  جنهن ڪري ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ ترقياتي ڪم متاثر ٿيا آهن. پاڪ اوسس جي آر او پلانٽ تي ڪم ڪندڙن مسئلو ٻڌايو ته 12 مهينن کان پگهارون ناهن مليون جنهن تي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته پاڪ اوسس کي سندن پرائيويٽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار 32 ڪروڙ رپيا ادا ڪري چڏيا آهن سکر وارن کي پگهارون نه ملڻ تي ڪمپني کان پڇاڻو ڪيو ويندو. صوبائي وزير سکر ۽ روهڙي ۾ ڪيٽل ڪالوني ۽ مينهن جي واڙن متعلق ۽ ڪچي آبادين جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ان مسئلي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا گهربل لائحه عمل جوڙيندا لاڳاپيل ماڻهن کي رليف ملندو. هن صدورو شيخ اسڪول جي ڇت نه هئڻ جي شڪايت تي تعليم کاتي جي آفيسر کي فوري طور اسڪول جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ تي ڳالهائيندي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ايم ايس کي فوري طور دوائن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڊي سي سکر انسپيڪشن جو عمل مڪمل ڪري ته جئين دوائون خريد ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نوڪرين جي پاليسي جُڙي رهي آهي سمورن نوجوانن کي اهليت تي نوڪريون ملنديون، صوبائي وزير چيو ته سکر سائيٽ جي ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي لاءِ ايم ڊي سان ڳالهايو آهي تمام جلد کين پگهارون ملي وينديون ۽ سندن ٻيا مسئلا به حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ صلاحڪار فوتي ڪوٽا، ڊيڊڪشن بلن، ڊرنيج اسڪيمن ۽ ٻين مسئلن بابت شڪايتن تي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڪيون. جڏهن ته کلي ڪچهري ۾ اليڪٽرڪ انسپيڪٽر صوبائي وزير کي ٻڌايو ته عوامي مسئلن جي حل لاء  اسان جي  ڪيل ڪنهن به فيصلي تي سيپڪو عملدارن اڄ تائين عمل ناهي ڪيو جنهن ڪري ماڻهن جا جائز مسئلا  به حل نٿا ٿين جڏهن ته ٻئي طرف پٽڻي جي رهواسي ڪبير احمد ڊنڊڻ پنهنجي شڪايت درج ڪرائڻ بعد سرڪٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي آهي جنهن جو ٽرانسفارمر 25 ڪيوي جو 2002 ۾ سيپڪو صالح پٽ جي عملدارن 85 هزارن ۾ منظور ڪيو هو جنهن کي ڪجه سالن بعد تبديل ڪري 100 ڪيوي جو ٽرانسفارمر هڻي ڪجه گهرن جون تارون هڻي ڇڏيون پر هن وقت پٽڻي شهر ۾ منهنجي چڪي واري ٽرانسفارمر سميت 9 ٽرانسفارمر لڳل آهن ۽ نان پئميٽ سبب پٽڻي طرف ايندڙ 11 هزار ڪيوي جي لائين ڪاٽا ڪيل آهي جنهن ڪري مون سميت ٻيون اٽي جون چڪيون ۽ زونگ ڪمپني جي ٽاور جي به بجلي بند ڪيل آهي هن چيو ته صوبائي وزير جي حڪم تي ايڪس اي  اين سيپڪو صالح پٽ کليل ڪچهري ۾ درخواست ته ورتي پر اها رسيو ڪري ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو هن چيو ته اهڙيون ڪيتريون ئي وزيرن ۽ مشيرن جون ڪچهريون اٽينڊ ڪيون آهن پر سدائين اسان غريبن کي صرف آسرا ڏئي هليا ويندا آهن پر پوء به مسئلا اتي جو اتي ئي آهن، هن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪري بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي،

COMMENTS

نام

بیکنگ نیوز,1,پنجاب,1,تنو رام,1,حیدرآباد,1,دانش عثمان غنی,2,سکھر,10,سندھ,4,کراچی,2,کرونا وائرس,5,ویب ڈیسک,2,Accessory,1,Adalpur,10,Adventure,2,America,1,Anti Corona,1,Arcade,1,Art,1,Automotive,2,Badeh,1,Balochistan,1,Bank,3,Baseball,3,Best Store,1,Bhiro,1,Board,2,Breakfast,3,Business,6,Car Accessory,2,Car Review,1,Card,1,Celebrity,2,Chef,1,Cholesterol,2,Choondko,1,Company,1,Cooking,2,Corona news,14,Corona virus information,43,Cover,1,dadu,9,Daharki,1,Dera Ismail Khan,1,Design,1,Digital Life,2,Dokri,1,Dunia,11,Economy,1,Education,3,Engine,1,Entertainment,1,Entrepreneur,1,Expert Advices,1,Extreme Award,4,Fan Club,2,Fashion,2,Financial,1,Fitness,3,Floor Plan,1,Food,5,Foodstuff,2,Fund,3,Gadap,1,gambat,4,Games,8,Geek Ideas,1,Ghotki,18,Golf,2,Hala,1,Health,1,Health Care,5,Healthy Eating,2,Heath,6,hyderabad,9,Inspiration,1,International,2,Investor,2,Islamabad,32,Jecobabad,3,jhol,1,Karachi,60,Karachi International,1,Karachi Subaai,4,Kashmor,4,Khairpur,1,Khanpur Mahar,8,Kherpur,17,Kumb,1,Lahore,15,Larkana,10,Lifestyle,3,Lighting,1,Love,2,Lunch,2,Madaijee,2,Malkaani Shareef,1,Medicine,2,Meerpur Mathelo,3,Military,1,Mirpurkhas,4,Moro,4,National,1,Nawabshah,2,Nutrition,3,Olympic,2,Pano Aqil,2,Photo Awards,1,Photography,1,Piryalo,1,pishawar,1,Politics,1,Prevention,3,Quetta,2,Ranipur,1,Recipe,2,Rohri,26,Role Playing,2,Rustum,1,Sale,2,Salehpat,5,Sanghar,2,Sehwan,2,shikarpur,3,Shooting Styles,1,Showbiz,5,Simulation,1,Society,1,Sports,5,Startup,1,Stock,2,Stylist,2,Subaai,33,Suk,1,Sukkur,174,Tando Mir hassan,1,Tangwani,1,Tech Review,2,Technology,3,Tennis,1,Thari Mirwah,3,Thikratho,1,Thul,1,Tone Set,2,Top Bet,1,Trend,2,Umer Kout,1,Unique,5,Unique news,2,Vaccines,1,wafaqi,30,Weather,1,Web desk,1,Weight Loss,1,Whatsapp,1,World,3,
rtl
item
Aashan Ashfaque: سنڌ جي توانائي واري کاتي جي وزير امتياز احمد شيخ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاهه شيرازي سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪري عوامي مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ موقعي تي ئي مسئلن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا.
سنڌ جي توانائي واري کاتي جي وزير امتياز احمد شيخ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاهه شيرازي سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪري عوامي مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ موقعي تي ئي مسئلن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا.
https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEjxSKf4wCH5JUBC0cy7gZO7ufDBllZx3YYGRyt80cgvappZDBd9YVD9vdTEP7pGZnKnayx80S_uEAmkALleY85mI5s9DxNPQAz8JHrvHnyenW0_rHHS7IqyKUY_56kIVLY29ANNj2EMz3ij/s320/PicsArt_02-22-07.48.41.jpg
https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEjxSKf4wCH5JUBC0cy7gZO7ufDBllZx3YYGRyt80cgvappZDBd9YVD9vdTEP7pGZnKnayx80S_uEAmkALleY85mI5s9DxNPQAz8JHrvHnyenW0_rHHS7IqyKUY_56kIVLY29ANNj2EMz3ij/s72-c/PicsArt_02-22-07.48.41.jpg
Aashan Ashfaque
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/2020/02/blog-post_3.html
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/2020/02/blog-post_3.html
true
8842448611334186341
UTF-8
Loaded All Posts Not found any posts VIEW ALL Readmore Reply Cancel reply Delete By Home PAGES POSTS View All RECOMMENDED FOR YOU LABEL ARCHIVE SEARCH ALL POSTS Not found any post match with your request Back Home Sunday Monday Tuesday Wednesday Thursday Friday Saturday Sun Mon Tue Wed Thu Fri Sat January February March April May June July August September October November December Jan Feb Mar Apr May Jun Jul Aug Sep Oct Nov Dec just now 1 minute ago $$1$$ minutes ago 1 hour ago $$1$$ hours ago Yesterday $$1$$ days ago $$1$$ weeks ago more than 5 weeks ago Followers Follow THIS PREMIUM CONTENT IS LOCKED STEP 1: Share to a social network STEP 2: Click the link on your social network Copy All Code Select All Code All codes were copied to your clipboard Can not copy the codes / texts, please press [CTRL]+[C] (or CMD+C with Mac) to copy