شڪارپور( رپورٽ: بابو سنجراڻي) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ حبيب منڱراڻي ۾ نامعلوم چورن دڪان جو دروازو ٽوڙي قيمتي سامان چوري ڪري رهيل سامان کي باهه ڏ...
شڪارپور( رپورٽ: بابو سنجراڻي) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ حبيب منڱراڻي ۾ نامعلوم چورن دڪان جو دروازو ٽوڙي قيمتي سامان چوري ڪري رهيل سامان کي باهه ڏيڻ بعد فرار ، متاثر دڪاندار جو نبي بخش شيخ جو پريس ڪلب ۾ احتجاج انصاف جي گهر ، ان موقعي تي نبي بخش شيخ دانهيندي چيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چورن منهنجي دڪان جو دروازو ٽوڙي دڪان ۾ پيل 20 هزار رويپن جو قيمتي سامان چوري ڪرڻ بعد ٻئي سامان کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب دڪان ۾ پيل فرج ۽ ٻيو سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته دڪان جي ڇت کي به باهه لڳي وئي ، هن چيو ته مان غريب ۽ پورهيت آهيان منهنجو ۽ منهنجي ٻچن جو گذارو دڪان تي آهي ، هن چيو ته ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي چوري جو اطلاع ڏنو آهي جڏهن ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني نه آهي پوليس چورن جو پتو لڳرائي چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڏياريو وڃي ۽ سڙي ويل سامان جو مونکي معاوضو ڏياريو وڃي

COMMENTS