خيرپور (النور نيوز) ميرواهه جي ناريءَ جو والده سان گڏ خيرپور ۾ مڙس ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج، مڙس ٻي شادي جي شوق ۾ گهران تشدد ڪري ڪڍي ڇ...
خيرپور (النور نيوز) ميرواهه جي ناريءَ جو والده سان گڏ خيرپور ۾ مڙس ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج، مڙس ٻي شادي جي شوق ۾ گهران تشدد ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي، دانهڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، پوليس ٽن مهينن کان ڪوبه تدارڪ ناهي ڪيو، انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق تعلقه ميرواهه جي ڳوٺ ميوو خان مڱريو جي رهواسڻ مسمات ياسمين پنهنجي والده مسمات انور خاتون مڱريو سان گڏجي خيرپور پهچي صحافين آڏو پنهنجي مڙس ۽ ٻين بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سندس مڙس سعيد احمد ولد غلام حيدر مڱريو ساڳي علائقي جي ناري مسمات سيما ڌيءَ اختيار مڱريو سان ٻي شادي جي شوق ۾ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهڙي شڪايت محلي ۽ برادر جي نيڪ مردن کي ڏني آهي ته جوابدار نذير، غلام نبي، ڪوڙو، احسان، صدورو مڱريو مون کي ۽ منهنجي ڀائرن کي جاني مالي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن چيو ته اهڙي عمل خلاف ايس پي آفيس خيرپور ۾ دانهن ڏني آهي مگر ٽن مهينن گذرڻ جي باوجود ليڊيز ڪمپلينٽ سيل جي انچارج انسپيڪٽر مهناز جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري الٽو مون کي آفيس مان ڌڪا ڏياري ڪڍي ڇڏيو آهي. هنن وزير اعظم پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي پوليس سکر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

COMMENTS