سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان بيت المال سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عدنان مجيد سوئيٽ هوم سکر جو دورو ڪري اداري ۾ موجود ٻارڙن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو و...
سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان بيت المال سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عدنان مجيد سوئيٽ هوم سکر جو دورو ڪري اداري ۾ موجود ٻارڙن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن جي تعليم ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ تي سرهائي جو اظهار ڪيو. ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال سنڌ جي ڊاڪٽر عدنان مجيد سوئيٽ هوم سکر ۾ هال آف فيم، ڪمپيوٽر ليب، لائبرري، بورچيخاني، مسجد، ڊسپينسري، ايوننگ ڪلاسز، ڊائيننگ هال ۽ سولر سسٽم جو معائنو ڪيو. بعد ۾ هڪ سادي تقريب دوران ڊائريڪٽر بيت المال سنڌ ڊاڪٽر عدنان مجيد مختلف چٽا ڀيٽي ۽ راندين جي مقابلن ۾ ڪامياب ٿيندڙ سوئيٽ هوم سکر جي شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيت المال شبير ميمڻ ٻڌايو ته سوئيٽ هوم سکر جا ٻارڙا آءِ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ مختلف ڪيڊٽ ڪاليجز لاءِ ڪواليفاءِ ڪن ٿا، جڏهن ته هُن سکر جي عوام ۽ خاص طور تي سرنديءَ وارن جي سهڪار جو ذڪر پڻ ڪيو. پاڪستان بيت المال سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عدنان مجيد سکر واسين ۽ انتظاميه جي سهڪار تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هر ماڻهو خاص طور تي سرنديءَ وارن کي بي سهارا ٻارڙن جي ترقي ۽ کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي اهو اسان سڀني جو فرض آهي.
COMMENTS