ڪراچي:(خميس 20 فيبروري 2020ع) ڪراچي ۾ چين مان پکڙجندڙ موذي مرض ڪورونا وائرس جو شڪي ڪيس سامهون اچي ويو آهي . سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪجهه ڏينه...
ڪراچي:(خميس 20 فيبروري 2020ع) ڪراچي ۾ چين مان پکڙجندڙ موذي مرض ڪورونا وائرس جو شڪي ڪيس سامهون اچي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪجهه ڏينهن اڳ چين مان واپس ايندڙ 22 ساله پاڪستاني شاگرد ۾ نوول ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون آهن جنهن تي ڊاڪٽرن ان کي شڪي قرار ڏيندي ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ داخل ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب مريض جي جسم مان حاصل ڪيل نمونن جي شروعاتي طبي تجزيي ڊاڪٽرن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هنن مريض کي اڪيلو رکيو ۽ وڌيڪ تصديق جي لاءِ نمونا اسلام آباد جي صحت کاتي ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته اسلام آباد جي صحت کاتي مان رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي حتمي طور ڪجهه چئي سگهجي ٿو. هن وقت مريض کي اڪيلو رکيو ويندو ۽ ان حوالي سان سمورا احتياطي قدم کنيا پيا وڃن.واضح رهي ته ڪورونا مان آمريڪا، برطانيه، جاپان ۽ ٿائيلينڊ سميت 30 ملڪ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ هينئر تائين ڪيترائي شڪي مريض سامهون آيا آهن پر اڃان تائين ان ۾ ڪورونا جي تصديق ناهي ٿي.

COMMENTS