سکر(بيورو رپورٽ) مبينه اغوا ٿي ويل ٻن نينگرن جي بازيابي لاء خيرپور ضلعي جي گنبٽ لڳ ڳوٺ اڄڻ جي رهواسي اڄڻ برادري جي عورتن ۔مردن ۽ ٻارڙن سکر پ...
سکر(بيورو رپورٽ) مبينه اغوا ٿي ويل ٻن نينگرن جي بازيابي لاء خيرپور ضلعي جي گنبٽ لڳ ڳوٺ اڄڻ جي رهواسي اڄڻ برادري جي عورتن ۔مردن ۽ ٻارڙن سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي لاڳاپيل اختيارن کان نينگرن جي بازيابي جي گھر ڪندي مسمات نسيم اڄڻ۔مسمات تسليم۔ مائي وسندي۔گل حسن۔حاجي اختيار اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته 23 جنوري 2020 تي جوبدار علي بخش اڄڻ ۔محمد پنجل۔سليم۔نظير۽ ٻين 9 ورهين جي نديم ۽ 17 ورهين جي صدرالدين اڄڻ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن واقعي جو ڪيس گنبٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ لاء ويا سين ته ايس ايڇ او سکڻا دلاسا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو جڏهن ته تر جي چڱن مڙسن وٽ پڻ داهيو آھي پر ڪوبه مدد ڪرڻ لاء تيار ناهي جڏهن ته جوابدارن جي پوٺڀرائي تر جي بااثر شخص جو ڪمدار ڪري پيو جنهن ڪري پوليس مغوين جي بازيابي لاء قدم نه ٿي کڻي هنن سنڌ جي وڏي وزير سميت آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته مغوي نينگرن کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي

COMMENTS