روهڙي(رپورٽر) منگي ويلفيئر ايسوسئيشن تعلقه روهڙي جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب مرڪزي صدر شهزادو خان منگي حلف کڻايو، برادري سمي...
روهڙي(رپورٽر) منگي ويلفيئر ايسوسئيشن تعلقه روهڙي جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب مرڪزي صدر شهزادو خان منگي حلف کڻايو، برادري سميت غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو وچن ورجايو، خبر موجب منگي ويلفيئر ايسوسئيشن تعلقه روهڙي جي نئين منتخب ٿيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سکر ضلع جي ڪنڌرا، داراواهڻ، منڊوديرو، صالح پٽ، پنوعاقل سميت ٻين شهرن کان منگي برادري جي اڳواڻن ۽ معززين شرڪت ڪئي، جڏهن ته منتخب صدر اظهر حسين منگي، سينيئر نائب صدر عبدالقدوس منگي، نائب صدر 1 گلزار احمد منگي، نائب صدر 2 لياقت علي منگي، نائب صدر 3 محمد ڏنو منگي، جنرل سيڪريٽري عارف علي منگي، جوائنٽ سيڪريٽري نور علي منگي، فئنانس سيڪريٽري آصف علي منگي ۽ پريس سيڪريٽري غلام عباس منگي جن کي منگي ويلفيئر ايسوسئيشن جي مرڪزي صدر حاجي شهزادو خان منگي حلف کڻايو، ان موقعي تي مرڪزي صدر حاجي شهزادو خان منگي منتخب عهديدارن کي مبارڪون ڏنيو ۽ چيو ته منگي ويلفيئر ايسوسئيشن جو مقصد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ منگي برادري جي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي سپورٽ ڪرڻ آهي پر اسان سنڌ سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ جتي جتي منگي ويلفيئر جا يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن اتي نه صرف برادري پر هر قوم جي غريب ماڻهن جي بغير ڪنهن فرق جي مدد ڪئي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته منگي برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري برادري جي لکيل پڙهيل نوجوانن کي سپورٽ ڪيون ته جيئن اهي اڳتي وڌن ۽ برادري سان گڏ انسانيت جي خدمت ڪري نه صرف دنيا پر آخرت به سنوارين، هن چيو ته ڏکايل ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان دلي سڪون ملندو آهي،

COMMENTS