ٽنڊوميرعلي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول آء بي اي ۾ سائنسي ايگزيبيشن پروگرام منعقد ڪيو ويو پروگرام ۾ ٻارڙن جي والدين ۽ صحافين شرڪت ڪئي جنھن ۾ مختلف ا...
ٽنڊوميرعلي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول آء بي اي ۾ سائنسي ايگزيبيشن پروگرام منعقد ڪيو ويو پروگرام ۾ ٻارڙن جي والدين ۽ صحافين شرڪت ڪئي جنھن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين حصو وٺي مختلف قسمن جا پراجيڪٽ پيش ڪري سائنسي ايگزيبيشن پروگرام کي چار چنڊ لڳائي پنھنجن پنھنجن اسڪولن ۽ استادن جا نالا روشن ڪري ڇڏيا، جنھن ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد، پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو، سوجھرو اسڪول ڪوٽڏيجي، اي ايم او گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪرونڊي، سنڌ ڪاليج محرابپور، اي ايم او گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جانجھ، اي ايم او گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سميع، آ بي اي ڪيڊٽ ڪاليج دادو، آء بي اي ڪيڊٽ ڪاليج نوشهرو فيروز، پبلڪ اسڪول شڪارپور سميت ٽنڊو مير علي اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ حصو ورتو. پروگرام ۾ مھمان خاص سکر ريجن آء بي اي ڪاليجز ۽ اسڪولز ڊائريڪٽر نور حسن شر، پرويز احمد ٻانڀڻ، لاڙڪاڻو پراجيڪٽ مينيجر نظير احمد چانگ، آء بي اي پراجيڪٽ اسڪول مينيجر ٽنڊو مير علي جنيد احمد ميمڻ، ھيڊ ماستر رياض احمد پٺاڻ ٽنڊو مير علي اسڪول مينيجر غلام مجتبا ملاح ۽ ٻين سائنسي ايگزيبيشن پروگرام ۾ پھرئين پوزيشن کڻندڙ پبلڪ اسڪول حيدرآباد، ٻئي پوزيشن کڻندڙ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ ٽئين پوزيشن کڻندڙ سنڌ ڪاليج محرابپور جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مختلف انعام ورهايا. جڏهن تہ پروگرام جي اختتام تي آيل مھمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.

COMMENTS