عادلپور (غلام رسول مھر ) عادلپور جان محمدسوسائٽي شھرن سميت ٻھراڙين جي مختلف علائقن لاکولنجاري ستارومھر صالح مھر سميت ٻين علائقن ۾ رولو ڪتن ج...
عادلپور (غلام رسول مھر ) عادلپور جان محمدسوسائٽي شھرن سميت ٻھراڙين جي مختلف علائقن لاکولنجاري ستارومھر صالح مھر سميت ٻين علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو رولو ڪتن اسڪولي ٻارڙن توڙي شهرين کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي رولو ڪتن جو آزار ۽ ٻيو رولو ڪتن جي ويڪسين اڻلڀ آهي عادلپور جي ڪلوڙ محلا چنہ محلا انڙ محلا لاکاڻي محلا شيخ محلا سومرا محلا ملڪ محلا سميت ٻھراڙي جي علائقن ۾ رولو ڪُتن رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هتان جي انتظاميه پاران اهڙو ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي جنهن سان رولو ڪتن جو آزار ختم ٿي سگهي هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل رولو ڪتا مار مهم به ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي، عادلپور ۾ 20 کان وڌيڪ محلن ايندڙ رولو ڪتن جو آزار هجڻ ڪري شهري پريشان ٿيل آهن ان حوالي سان ھتان جي سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آھي رولو ڪتن جو آزار تمام گھڻو وڌي ويو آھي ھر چوڪ گھٽي توڙي بارار ۾ رولو ڪتان ولرن جي صورت ۾ گھمي رھيا آھن جڏھن ته گھڻو ڪري مرغي مڇي جي لڳل ڦٽن تي اچي گڏ ٿين ٿا ته ٻئي پاسي شهرين پنهنجا ٻارڙا گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيا ٻارڙا ڪتن جي ڊپ کان اسڪولن ڏانهن وڃڻ کان لنوائڻ لڳا آهن ھوڏانھن شهرين رولو ڪتن کي مارڻ واري مهم کي اعلان تائين محدود ڪرڻ جو چئي ڇڏيو شھرين وڌيڪ چيو ته ڪتا مار مهم عادلپور ۽ جان محمدسوسائٽي ۾ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي ڪتا مار ايندڙ بجيٽ ڪيڏاهن وڃي ٿي پئي انتظاميه کي گهرجي ته ڪتا مار مھم جو آغاز ڪري رولو ڪتن جو آزار ختم ڪيو وڃي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ته جئين ٻارڙا اسڪولن ڏانهن وڃي سگهن ۽ شهري سک جو ساھ کڻي سگهن نه ته ٻئي صورت ۾ اگر ڪتن ڪنهن کي به کاڌو ته ان جو ذميوار انظاميا هوندي
COMMENTS