شڪارپور: (رپورٽ: بابو سنجراڻي) سلطان ڪوٽ لڳ ڳوٺ عبدال ۾ معرفاڻي ۽ ڀرچونڊ برادري وچ ۾ زميني تڪرار تيز, فائرنگ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو, ڌ...
شڪارپور: (رپورٽ: بابو سنجراڻي) سلطان ڪوٽ لڳ ڳوٺ عبدال ۾ معرفاڻي ۽ ڀرچونڊ برادري وچ ۾ زميني تڪرار تيز, فائرنگ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو, ڌريون مورچابند, فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي شڪارپور اسپتال بعد لاڙڪاڻي منتقل, پوليس رسمي طور دير سان پهتي, تفصيل موجب شڪارپور ويجهو عبدال شاخ لڳ ڳوٺ ۾ معرفاڻي ۽ ڀرچونڊ برادري ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو , ڌرين پاران ڇتي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ ڀرچونڊ برادري جو نوجوان شاھين ولد فيض محمد ڀرچونڊ گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو زخميچ کي وارث سول اسپتال شڪارپور آندو جتي علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب وارث نوجوان کي لاڙڪاڻو کڻائي ويا, جڏهن علائقي ۾ شديد فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترن جانورن پڻ گوليون لڳيون, ايس ايس پي شڪارپور ضلع اندر امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ضلع اندر روزاني ڪيتريون ئي قيمتي جانيون قبيلائي جهيڙن سبب ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ جهيڙن سبب وڌيڪ جاني نقصان جو پڻ خطرو موجود آهي


COMMENTS