ڪشمور(ڊ ر )ڪشمور تعلقہ سول اسپتال ۾ علاج جي سھولتن جي کوٽ جون خبرون ھلڻ جو نوٽيس، ڪجهه ڏينهن اڳ سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ايمبولينس الٽرسائ...
ڪشمور(ڊ ر )ڪشمور تعلقہ سول اسپتال ۾ علاج جي سھولتن جي کوٽ جون خبرون ھلڻ جو نوٽيس، ڪجهه ڏينهن اڳ سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ايمبولينس الٽرسائونڊ ايڪسري مشين جي ناڪاره گوسڙو عملي خلاف خبرون ھلڻ بعد ڊي سي ڪشمور سميت صحت عملو جاڳي پيو تعلقه سول اسپتال ڪشمور ۾ ايم ايس مقرر ڪري ايمبولينس جو مرمتي ڪم ڪرايو ويو الٽرسائونڊ لاءِ ڊاڪٽر ۽ گائني وارڊ کولي عورتن جي ڊليوري لاءِ ڊاڪٽرياڻي مقرر ڪئي وئي،خبر موجب ڪشمور تعلقہ سول اسپتال ۾ علاج جي سھولتن جي کوٽ جون خبرون ھلڻ بعد صحت انتظاميا نوٽيس ورتو تعلقہ سول اسپتال جي ناڪاره بڻيل ايمبولينس، جو مرمتي ڪم ڪرائ الٽرسائونڊ لاءِ ڊاڪٽر ۽ گائني وارڊ کولي عورتن جي ڊليوري لاءِ ڊاڪٽرياڻي مقرر ڪئي وئي ايم ايس منظور احمد ڪلوڙ، عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻائيندي علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي مڪمل سھولتون فراهم ڪرڻ جون ڊاڪٽرن کي ھدايتون ڪيون ياد رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ايمبولينس ناڪاره بيٺل ،الٽرسائونڊ ،ايڪسري مشين خراب ۽ گائني وارڊ بند ھجڻ جون خبرون ھلايون ويون ۽ ڪشمور جي سماجي تنظيم سٽيزن ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين علي مراد چاچڙ، غلام مجتبي لانگاھ ،عرفان ڪلوڙ ،۽ ٻين عھديدارن طرفان ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي آڏو ۽ ميڊيا آڏو سول اسپتال ۾ علاج جي سھولتن جي فقدان لاءِ ڀرپور احتجاج ريڪارڊ ڪرايو جنهن بعد ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي ميڊيا جي خبرن جو نوٽيس وٺندي اسپتال ۾ مريضن کي علاج جون مڪمل سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ الٽرسائونڊ، ايمبولينس، گائني وارڊ سميت دوائون مھيا ڪرڻ لاءِ عملي کي ھدايتون ڪيون آهن،

COMMENTS