ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جا انتظام وفاق کان گهري ورتا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ريلوي واري و...
ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جا انتظام وفاق کان گهري ورتا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، ڊي ايس ريلويز، ڊي جي پلاننگ ۽ ٻيا موجود هئا. ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سي پيڪ – ڪي يو ٽي سي سنڌ سرڪار حوالي ڪريو. هو 29 ڊسمبر 2016ع تي چين جي دوري تي ويو هو، چين ۾ چئني صوبائي هيڊڪوارٽرز ۾ سرڪلر ريلوي ڏني وئي آهي، تنهن ڪري ڪي يو ٽي سي کي سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي حوالي ڪيو وڃي. اُن جا شيئرز 60 سيڪڙو وفاقي حڪومت ۽ 40 سيڪڙو سنڌ سرڪار وٽ آهن، ملاقات دوران وڏي وزير جو چوڻ هو ته چين جو وفد مئي مهيني ۾ ڪراچي پهچي رهيو آهي، جڏهن ته جي سي سي اپريل مهيني ۾ بيجنگ ۾ ٿيندي. ڪراچي شهر ۾ انڪروچمينٽ 40 ڪلوميٽرز تائين هئي، جنهن مان 38 ڪلوميٽرز تائين حددخليون هٽايون ويون آهن، هاڻي متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي.
اُن موقعي تي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته فارملٽيز پوريون ڪري ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن کي سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ايس اي سي پي کي درخواست ڏئي ڪارپوريشن جي انتظاميا سنڌ کي ڏيڻي آهي. شيخ رشيد آڇ ڪئي ته حددخليون هٽائڻ جي صورت ۾ متاثر ٿيل خاندانن کي ريلوي جي ڪنهن زمين تي گهر ٺاهي ڏيو.


COMMENTS