ڪراچي: ريلوي وارو وزير شيخ رشيد احمد پراڻي ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي بحالي کي ناممڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پراڻو ريلوي ٽريڪ ڪجهه ٻيو ه...
ڪراچي: ريلوي وارو وزير شيخ رشيد احمد پراڻي ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي بحالي کي ناممڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پراڻو ريلوي ٽريڪ ڪجهه ٻيو هو اهو هاڻ ممڪن ناهي.ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پراڻي سرڪلر ريلوي ٽريڪ تي 24 رستا ٺهي چڪا آهن، اتي 24 ڦاٽڪ ڪٿان ٺاهينداسين؟شيخ رشيد جو چوڻ هو ته هاڻ ڪي سي آر هڪ نئين ٽرين هوندي، پراڻي ڳالهه نه ڪريو، هاڻي ته نئين ڪي سي آر جا 24 اسٽيشن ٺهي وڃن ته اهائي وڏي ڳالهه آهي.ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي تي سنڌ حڪومت سان ڪو اختلاف ناهي، ريلوي ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪي سي آر ٺاهيندا، ڪي سي آر چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي (سي پيڪ) جو 2 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.ريلوي ٽريڪ تي حددخلين جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته 30 ڏينهن ۾ ريلوي ايراضي کي خالي ڪرائي ڇڏينداسين، متاثرن کي متبادل طور ڪٿي منتقل ڪرڻو آهي يا نقد رقم ڏيڻي آهي، ان جو فيصلو ايندڙ مهيني تائين ڪنداسين.ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي ڪيس ۾ ريلوي جي زمين تي ٺهندڙ پلازه هڪ هفتي ۾ ڪيرائڻ جو حڪم ڏيندي جلد ڪي سي آر جي بحالي جو حڪم ڏنو هو.

COMMENTS