اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، پر هن لکت ۾ اڃا تائين استعيفي...
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، پر هن لکت ۾ اڃا تائين استعيفيٰ ناهي ڏني. ذريعن موجب شبر زيدي ذاتي سببن جي ڪري چيئرمين جي عهدي تي ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪئي آهي، شبر زيدي جو چوڻ آهي ته هو بيمار آهي ۽ کيس ڊاڪٽر آرام جو مشورو ڏنو آهي جنهن ڪري وڌيڪ پنهنجي ذميواري جاري نٿو رکي سگهي، هن چيو ته عهدي تان استعيفيٰ نه ڏني آهي. شبر زيدي جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان هن جي وزيراعظم عمران سان ڳالهه ٿي آهي، هو عهدي جي وڌيڪ چارج نه رکي سگهندو، شبر زيدي جو چوڻ آهي ته هن وزيراعظم کي چيو آهي ته چيئرمين ايف بي آر لاءِ نئون نالو ڳوليو وڃي. ذريعن موجب نئين چيئرمين ايف بي آر لاءِ احمد مجتبيٰ ميمڻ، جاويد غني، نوشين امجد جاويد ۽ ٻين نالن تي غور شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته هارون اختر کي مشير مقرر ڪرڻ جو به امڪان آهي. واضح رهي ته چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي ڪيترن ئي ڏينهن کان موڪل تي آهي، جنهن ڪري هن جي استعيفيٰ جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن پر هن پاڻ استعيفيٰ وارين خبرن جي ترديد ڪئي آهي. هوڏانهن ناڻي صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته شبر زيدي جي طبيعت بهتر نه ٿي ته ان جو متبادل ڏسنداسين، هن چيو ته شبر زيدي منهنجو فيورٽ آهي، سندس طبيعت خراب آهي ۽ هو ڊگهي موڪلن تي آهي، واپسي جو فيصلو ڊاڪٽر ئي ڪندا، هن چيو ته ايف بي آر جي نئين چيئرمين جي تلاش ڪئي ته شبز زيدي سان مشاورت ڪنداسين.

COMMENTS