گمبٽ(رپورٽ آصف علي ڪلهوڙو) رپڙي جي ڪچي ۾ نامعلوم ھٿياربندن جو حملو، گهر ۾ ننڊ ستل نوجوان گوليون هڻي قتل، علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول، گه...
گمبٽ(رپورٽ آصف علي ڪلهوڙو) رپڙي جي ڪچي ۾ نامعلوم ھٿياربندن جو حملو، گهر ۾ ننڊ ستل نوجوان گوليون هڻي قتل، علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول، گهر ۾ قھرام نوجوان جي امڙ کي بيھوشي جا دورا، ضروري ڪارروائي ۽ مذھبي رسمون ادا ڪرڻ بعد لاش مٽيءَ ماءُ حوالي، آخري اطلاعن تائين ڪو ڪيس داخل ٿيو نہ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي، خبر موجب رپڙي جي ڪچي واري علائقي گلوسيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻانھو خان شنباڻي ۾ گذريل رات دير سان ٻہ نامعلوم ھٿياربند داخل ٿي گهر جي اڱڻ تي ننڊ ستل 22 سالا نوجوان جاويد احمد ولد مرحوم نسيم احمد تي بندوق جا ٻہ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي مارجي ويو، ۽ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن بعد حد جي پوليس پهچي لاش کڻائي گمبٽ اسپتال مان پوسٽ ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن واقعي سبب گهر ۾ قھرام مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ پڻ خوف، حراس ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي، مقتول جون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ بعد لاش کي اباڻي قبرستان شادي شھيد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن پوليس ۽ پيريين ذريعي تلاش ڪئي وئي مگر نوراجا لڳ بچاءُ بند وٽ پيرن جا نشان غائب ٿي ويا، واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو ۽ نہ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي هئي، مقتول جي چاچي آچر فقير شنباڻي ميڊيا کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، بلا جواز قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

COMMENTS