خانپورمهر (رپورٽ نواب علي ميراڻي ) خانپورمهر ويجهو مينهن چوري جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف گبول برادري جي ماڻهن جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو،...
خانپورمهر (رپورٽ نواب علي ميراڻي ) خانپورمهر ويجهو مينهن چوري جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف گبول برادري جي ماڻهن جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو، چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ بنگل لغاري ۾ ڳوٺاڻي سرور گبول جي اٽڪل 3 ڏينهن اڳ چوري ٿيل مينهن ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڳوٺ بنگل لغاري سان واسطو رکندڙ گبول برادري جي ماڻهن منشي علي گل گبول، بهليم گبول، مرتضي گبول،شهزاد گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپورمهر ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي سرور گبول جي مينهن چوري ٿي، جنهن جا بروقت پيرا کڻي ڳوٺ لطف علي گڏاڻي ۾ هنياسين ۽ اسان جي بروقت پهچڻ تي جوابدار خدابخش گڏاڻي، در محمد گڏاڻي ۽ حفيظ اسان کي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي جن چيو ته ٻن ڏينهن اندر چور به اوهان حوالي ڪنداسين پر ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود چور ناهن ڏنا ويا الٽو هاڻ ڄاڻايل جوابدارن چور ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر خانپورمهر پوليس ڪا به تدارڪ نٿي ڪري.. مظاهرين مطالبو ڪيو ته چوري ۾ گهربل مڙني جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي

COMMENTS