سانگهڙ (رپورٽ غلام رسول ناريجو) سانگهڙ شهر پريس ڪلب اڳيان لائيسگ ڪولھي، چيتن ڪولهي، ڀيو ڪولهي، بابو ڪولهي، ڀائو ڪولهي، مسمات لالي، ديوي، جمي...
سانگهڙ (رپورٽ غلام رسول ناريجو) سانگهڙ شهر پريس ڪلب اڳيان لائيسگ ڪولھي، چيتن ڪولهي، ڀيو ڪولهي، بابو ڪولهي، ڀائو ڪولهي، مسمات لالي، ديوي، جمي، ميران، راڌان، مومل، ڪريما ڪولھي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ ڪولھي برادري جي مردن ۽ عورتن پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو تفصيل موجب سانگهڙ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو ھڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنھن جو چوڻ آهي ته اسان مسڪين غريب ماڻهو آھيون ٿر مان لڏي پورھيو ڪرڻ آيا آهيون پورھيو ڪري گذر سفر ڪندا آهيون صبح جو اسان مرد ڪمند جي ٽالھي ڀرڻ سنجھورو وياسين ۽ اسان جون عورتون روزانو موجب ڀر ۾ سانگهڙ باء پاس وٽ پنجابي قوم جو زميندار جي ٻنيء تي گاہ ڪرڻ ويون ته دلير لانڊر اسان جي عورتن کي گاريون ڏنيون ۽ عورتن عزت لٽڻ جي ڪوشش ڪئي دانھون ڪري جان بچائي گھر پھتيون اسان شام جو گھر آياسين ته عورتون روئي رھيون ھيون اسان انهن کان سبب پڇيو ته روئندي جواب ڏنائون ته مٿي شخص نالي دلير لانڊر عزت ۾ ھٿ وڌا آهن ان پوليس اسٽيشن سانگهڙ آياسين جيڪو اسان ڪنهن به ڪو به داد نه ٿيو ۽وري اھا خبر جڏهن دلبر لانڊر کي پئي ته، چندر ڪولهي سندس زال راڻي ڪولهي ۽ دلير لانڊر آسان جي گھر وڙھڻ پھچي ويا اسان ميڊيا ذريعي ڊي سي سانگهڙ، ايس ايس پي سانگهڙ ايس ايڇ او سانگهڙ ۽ وس وارن کي مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ اسان جي مٿان حملو ڪندڙ دلير لانڊر، ان جا مددگار تي ايف آئي آر داخل ڪرائي سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ک

COMMENTS