ٺري ميرواھ : پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيري جا رهواسي پوليس پاران ڪوڙن ڪيسن ۾ نامزد ڪري حراسان ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين عاشق حسين۔ياس...
ٺري ميرواھ : پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيري جا رهواسي پوليس پاران ڪوڙن ڪيسن ۾ نامزد ڪري حراسان ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين عاشق حسين۔ياسين خاصخيلي۔اسدالله خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پوليس اهڪار صاحب زادو بااثرن جي ڌر بڻجي هاء ڪورٽ سکر ۾ هلندڙ بااثرن خلاف ڏاڍائي جي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي اسانجي معزز ۽ بزرگ مولوي عاشق حسين خاصخيلي مٿان ڪوڙي جوئا جي ڪيس ۾ نالو ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن تہ جوئارين جو مولوي عاشق سان ڪو تعلق ناهي مولوي عاشق گهر تائين محدود رهندو آهي پوليس صاحب زادو چوي ٿو تہ هاء ڪورٽ سکر ۾ هلندڙ بااثرن مٿان ڏاڍائي جي ڪيس تان هٿ نہ کنيو تہ وڌيڪ خون جا ڪيس داخل ڪرائيندو مظاهرين سنڌ گورنمنٽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ کرڙاھ پوليس اهلڪار صاحب زادي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان مٿان ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن

COMMENTS