ميرپورخاص ( رپورٽ اميد علي لغاري ) ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زاهد حسين ميمڻ چيو آهي ته گڏيل ڪوششن سان شهر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهي جي ٿو ش...
ميرپورخاص ( رپورٽ اميد علي لغاري ) ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زاهد حسين ميمڻ چيو آهي ته گڏيل ڪوششن سان شهر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهي جي ٿو شهر جي بهتري لاءِ سڀني کي پنهنجي ذاتي اختلافن کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين، پيس ڪاميٽي جي ميمبر، فلاحي تنظيمن جي عهديدارن، معززشهرين، واپاري تنظيمن ۽ واسطيدار عملدرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. انهي موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص جاويد بلوچ شهر جي بهتري جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو هن وڌيڪ چيوته قانون تي عملدرآمد ڪرئڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا ويندا. گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن پاران شهر ۾ صفائي سٿرائي، صاف پاڻي جي فراهمي، شهر ۾ برساتن ۽ عام ڏينهن دوران رستن تي پاڻي جو جمع ٿيڻ، ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ، شهر جي مين جاين تي چينگچين رڪشائن جو بيهڻ، شهر ۾ ٽالرن ۽ ٽرڪن جو مقرر ٽائم کان بعد داخل ٿيڻ، بسن ۽ وينن جو بنا پرميشن جي اسٽاپن تي بيهڻ عام ماڻهن واري جاءِ تي ريڙهن جو بيهڻ، دوڪانن جي ٻاهران ٿلها ۽ ڇپرا ٺاهڻ اسٽال لڳائڻ، شورومن جون گاڏيون رستن تي بيهارڻ جهڙن اشوز تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيوته اهميت جي بنيادي تي مسئلن کي حل ڪرڻ جون مڪمل ڪوششون ورتيون وينديون جنهن حوالي سان هر مهيني گڏجاڻيون پڻ ڪيون وينديون. گڏجاڻي ۾ ٽريفڪ اشوز ۽ انڪروچمينٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان ڪاميٽي جوڙي وئي گڏ جاڻي ۾ فيصلو ڪيو ڪيو ته ڪاميٽي پاران شهر ۾ پيدا ٿيندڙ ٽريفڪ جي مسئلن ۽ حد دخلين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانهيون کي تجويزون ڏنيون وڃن واسطيدار عملدارن جي سهڪار سان انهي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ورتيون وينديون. شهر جي صفائي سٿرائي ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گڏجاڻي سومر تي ٻيهر رکي ويندي. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سلامت ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانهيون، ايڪسين پبلڪ هيلٿ شمس الدين شيخ، سپريٽنڊنٽ انجينئر پبلڪ هيلٿ عبدالڪليم، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص ڪامران شيخ، پيس ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ مولانه حفيظ الرحمان فيض، مولانه التماس صابري، مولانه صادق سعيدي، حمزه نقوي، صحافين ۾ راشد سليم، هاشم شر، خليل گوري، لياقت شاهه، واحد پهلواني، نظير پنهور، شير محمد ملڪاڻي، فلاحي تنظيم جي اڳواڻ محمد بخش ڪپري، انجمن تاجران جي امين ميمڻ، انيس الرحمان شيخ، سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.۔

COMMENTS