عادلپور(رپورٽ غلام رسول مهر) عادلپور ۾ سماجي تنظيم الخُدام ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر نذير احمد لانگاه جي اڳواڻي ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي هڪ ر...
عادلپور(رپورٽ غلام رسول مهر) عادلپور ۾ سماجي تنظيم الخُدام ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر نذير احمد لانگاه جي اڳواڻي ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، گڏجاڻي ۾ سماجي تنظيم جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي،
عادلپور جي بسم الله هوٽل ۾ سماجي تنظيم پاران عادلپورجي کوهارا شهر ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي تيزي سان وڌندڙ موضي مرض کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي علاج لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي
گڏجاڻي ۾ سماجي تنظيم جي چيئرمين محمد يعقوب لانگاه، صدر ندير لانگاه، نائب صدر علي بخش شاهاڻي، جنرل سيڪريٽري خالد محمود، ڊپٽي سيڪريٽري ممتاز سهتو، امجد ڪلوڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عادلپور جي پسگردائي ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙو موضي مرض تيزي سان وڌندو وڃي پيو پر غريب ۽ بي سهارا ماڻهون مهنگائي سبب ٽيسٽون ۽ علاج نه ٿا ڪرائي سگهن اهڙي موضي مرض کي ختم ڪرڻ ۽ علاج لاءِ جلد فري ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳرائي ويندي ۽ انهن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ضلع گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته هن ميڊيڪل ڪئمپ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون ڪري غريب عوام کي رليف مهيا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، جنهن ۾ ميمبرن عاشق لغاري، عطاءﷲ مڱڻهار، طالب لانگاه، حماد ﷲ سولنگي اسد گهنيو، ياسين ابڙو حفيظ ابڙو نصير عباسي ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا

COMMENTS