سکر(بيورو رپورٽ)عورتن جي حقن لاء ڊسٽرڪٽ بار سکر ۾ پروگرام ٿيو جنهن ۾ عورت اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح، امر سنڌو۔۽ ٻيون شريڪ ٿيون، جڏهن ته پروگرا...
سکر(بيورو رپورٽ)عورتن جي حقن لاء ڊسٽرڪٽ بار سکر ۾ پروگرام ٿيو جنهن ۾ عورت اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح، امر سنڌو۔۽ ٻيون شريڪ ٿيون، جڏهن ته پروگرام ۾ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر ايڊووڪيٽ طارق حنيف منگي، جرنل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ شفيق بابر لغاري، ميمبر آف مينيجنگ ڪاميٽي ايڊووڪيٽ دانش عثمان غني ميمڻ، نعيم الدين قاسمي، قلندر بخش سولنگي، سميت ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عورتن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ 8 مارچ تي شهر شهر ۾ ريليون ڪڍيون وينديو ۽ عورت آزادي مارچ جو مقصد عورتن کي تشدد، غلامي کان آزادي ڏيارڻي آھي۔جڏهن ته اتر سنڌ ۾ ننڍ پڻ جي شادين سميت سنڱ چٽي، جرگائي نظام سبب عورتن کي ڀوڳڻو پوي ٿو جيڪو عورتن سان سراسر ظلم آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ روزانو ٽي عورتون قتل ڪيون وڃن ٿيون، هنن چيو ته 8 مارچ تي روهڙي کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب ٻاهران پروگرام منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شھرن مان عورتون شريڪ ٿينديون، جڏهن ته ان موقعي سينيئر وڪيل دريشاڻي علي حيدر ادا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي حقن لاء رٿيل آزادي مارچ ۾ ڊسٽرڪٽ بار سکر پاران ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو، هن چيو ته عورتن جي مسئلن بابت ڪيترائي ڪيس ڪورٽن ۾ زير التوا آهن، ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اهي ڪيس جلد کان جلد اڪلائجن ته جينئن عورتن کي وقت سر انصاف ملي سگهي،
COMMENTS