سانگهڙ رپورٽ غلام رسول ناريجو سانگهڙ لگ گجري ۾ سانگهڙ جي ايڪسين واپڊا ۽ ايس ڊي او جو کلي ڪچھري ۔غلط يا وڌيڪ بلنگ تي ماڻھن جا بل درست ڪيا وي...
سانگهڙ رپورٽ غلام رسول ناريجو
سانگهڙ لگ گجري ۾ سانگهڙ جي ايڪسين واپڊا ۽ ايس ڊي او جو کلي ڪچھري ۔غلط يا وڌيڪ بلنگ تي ماڻھن جا بل درست ڪيا ويا۔ خبر موجب سانگهڙ لگ گجري شھر ۾ سانگهڙ ايڪسين واپڊا عقيل نور ميمڻ ۽ ايس ڊي او سانگهڙ ولي داد چانڊيو کلي ڪچھري منعقد ڪري بجلي جي غلط يا وڌيڪ بلن کي درست ڪيو ويو۔جنهن ۾ سوين ماڻھن کي فائدو ٿيو۔ايڪسين واپڊا عقيل نور ميمڻ مڊيا سان گالھيندي چيو آئون چارج وٽندي مختلف هنڌن تي کلي ڪچهريون منعقد ڪري ماڻھن جي بجلي جي مسئلن ۔غلط توڙي وڌيڪ بلن جي مسئلا حل ڪندو رهندو آھيان جيئن ته ماڻھن کي فائدو ٿئي ۽ ماڻھن کي گزارش آھي ته هو پنهنجي بل چيڪ ڪرائي پنهنجا بجلي جا بل درست ڪرائن ۔ٻي پاسي آئل ماڻھن شڪائتن جا انڀار لگائي چڏيا ۽ هنن ٻڌايو ته بل درست ڪرائڻ باوجود به واڌو بل لڳل آھن ۔مڊيا جي سوال جي جواب ۾ ايڪسين واپڊا ٻڌايو ته واقعي مون کان پهريان ماڻھن سان مسئلا ٿيا هوندا پر هاڻ آئون نئون چارج سنڀالي آھي هاڻ ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي

COMMENTS