سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ جي يو آءِ طرفان شهيد خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف سينٽرل جيل ٻاهران انساني زنجير ٺاهي پر امن ۽ خا...
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ جي يو آءِ طرفان شهيد خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف سينٽرل جيل ٻاهران انساني زنجير ٺاهي پر امن ۽ خاموش احتجاج ڪيو، جڏهن ته موقعي تي جي يو آء اڳواڻن عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ ٻين چيو ته پنج سال اڳ سکر جي گلشن اقبال ڪالوني ۾ مسجد اندر گوليون هڻي شهيد ڪيل جي يو آءِ سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ سستي ۽ پنج سال گذرڻ باوجود انصاف ناهي مليو، جنهن سبب جي يو آءِ پاڪستان جا ڪارڪن سخت بيچيني جو شڪار آهن ته جنهن ڪيس جو فيصلو 90 ڏينهن ۾ اچڻ گهرجي ها، 1900 ڏينهن گذرڻ باوجود فيصلو ناهي آيو، هنن چيو ته اسان پنهنجي آئيني ۽ جمهوري حق استعمال ڪندي انساني هٿن جون زنجيرون ٺاهي پرامن احتجاج ڪيو آهي ۽ عدالت مان اميد آهي ته شهيد جي ڪيس ۾ انصاف ڪري جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ پيدا ٿي بيچيني ختم ڪئي ويندي.

COMMENTS