اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير جي تقرير دوران احتجاجي ۽ گوڙ ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز هٿئين پئجي ويا. وفاقي وزير...
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير جي تقرير دوران احتجاجي ۽ گوڙ ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز هٿئين پئجي ويا. وفاقي وزير عمر ايوب طرفان مسٽر ٽين پرسنٽ جا لفظ استعمال ڪرڻ تي صورتحال ڪنٽرول مان نڪري وئي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ توانائيءَ واري وفاقي وزير عمر ايوب پنهنجي تقرير ۾ اپوزيشن جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هون چيو ته ملڪ ۾ هڪ صدر هوندو هو، جيڪو مسٽر ٽين پرسينٽ طور مشهور هو، سندس اهڙي جُملي تي پيپلز پارٽي جي ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ ڪيو. عمر ايوب جي روڪڻ تي پيپلز پارٽي جا ميمبرز سيٽس تان اُٿي بيٺا ۽ وفاقي وزير جو گهيرو ڪيو.
پ پ ايم اين اي نويد قمر پنهنجي سيٽ تان اُٿيو ته آغا رفيع الله کيس زوري ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزيرن سوڌو حڪومتي ميمبرز به عمر ايوب جي حمايت ۾ اڳتي آيا. ڊپٽي اسپيڪر صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، جڏهن ته ميمبرز هٿئين پئجي ويا، اپوزيشن ميمبرز ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون.
وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته هُن ڪنهن جو نالو نه ورتو آهي، جنهن تي پ پ ميمبرز ايوب ڊڪٽيٽر مرده باد جا نعرا هنيا. ايوان ۾ گوڙ ۽ هنگامي واري صورتحال ڪنٽرول ۾ نه ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

COMMENTS