ڪورنگي رپورٽ اسماعيل عباسي ڪورنگي ۾ فيملي پارڪ ۾ ڪورنگي جي عوام لاء گلن جي نمائش ۽ تفريع جي لاء ميلو جو پروگرام ٿي گذريو, ڪورنگي ۽ لانڍي جي...
ڪورنگي رپورٽ اسماعيل عباسي
ڪورنگي ۾ فيملي پارڪ ۾ ڪورنگي جي عوام لاء گلن جي نمائش ۽ تفريع جي لاء ميلو جو پروگرام ٿي گذريو, ڪورنگي ۽ لانڍي جي رھواسين لاء ھي پروگرام منعقد ڪيو ويو جئين ھتان جا ماڻھون پنهنجي خاندان سميت مزو وٺن ۽ مايوسي مان ٻاھر نڪرن, ھي پروگرام ڪورنگي فيملي پارڪ جي انتظاميا طرفان منعقد ڪرايو ويو,ھن پروگرام ۾ مردن ۽ عورتن سميت ٻارڙن شرڪت ڪئي, ھن فيسٽيول ۾ مختلف سامانن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا, فيملي پارڪ جي انتظاميا طرفان فسٽيول پروگرام ۾ ميوزڪ جو به اعتمام ڪيو ويو, مھمان خصوصي ۾ ڪورنگي جي جسٽس آف پيس سيد عثمان الحسن سميت ڪورنگي ۽ لانڍي جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي, ڪورنگي جي جسٽس آف پيس سيد عثمان الحسن چيو ته فيملي پارڪ انچارج عرفان بٽ فيسٽيول منعقد ڪري ڪورنگي ۽ لانڍي جي عوام جي اندر وڌندڙ بيچيني ختم ڪئي آھي ھاڻي ڪورنگي ضلعو امن جو گھر آھي ۽ ٻين چيو ته ڪورنگي جي اندر اھڙا پروگرام ٿيڻ گھرجن, فيسٽيول ڪرائڻ انتظاميا جي ذميداري آھي, آيل مھمانن طرفان انتظاميا جو شڪريو ادا ڪيو ويو....

COMMENTS