سکر(بيورو رپورٽ) ميئر سکر جي شادي وليمو تقريب سکر ۾ ڌوم ڌام سان ٿي، سياسي شخصيتن، وڪيلن، صحافين سميت شهرين جي شرڪت، خبر موجب سکر جي وڏي سياس...
سکر(بيورو رپورٽ) ميئر سکر جي شادي وليمو تقريب سکر ۾ ڌوم ڌام سان ٿي، سياسي شخصيتن، وڪيلن، صحافين سميت شهرين جي شرڪت، خبر موجب سکر جي وڏي سياسي گهراڻي جي چشموچراگ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جي شادي وليمو تقريب اسپورٽس ڪمپليڪس جي سامهون شڪارپور روڊ تي ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم پي اي فرخ شاهه، آغا سراج دراني، ڊسٽرڪٽ چيئرمين محمد نقي خان ڌاريجو، ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ، صدر هاء ڪورٽ بار ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو، ميمبر آف مينيجنگ ڪميٽي ڊسٽرڪٽ بار ايڊووڪيٽ دانش عثمان غني ميمڻ، صحافي ارشاد ڊنڊڻ، غلام مصطفيٰ شيخ، عبدالعزيز شيخ، يارمحمد سومرو سميت هزارين شهرين تقريب ۾ شريڪ ٿي گهوٽ ارسلان اسلام شيخ سوڌو سينيئر سياستدان ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ جن کي کوڙ ساريون مبارڪون ڏيڻ سميت گهوٽ کي نوٽن ۽ گلن جا هار پڻ پارايا، جڏهن ته ايڪڙن ۾ ٺاهيل شادي پنڊال ۾ ۽ ميئر جي شادي تقريب ۾ آيل مهمانن پنهنجي سياسي محبوب اڳواڻن سان رات دير تائين يادگار سيلفيون ڪڍرائي خوب مزو ماڻيندا رهيا،

COMMENTS