نوشهروفيروز (ڊ ر) پاڪستان پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ۽ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز عبدالباري پتافي نوشهروفيروز پهچي ڊاڪٽر عبدالحميد انصا...
نوشهروفيروز (ڊ ر)پاڪستان پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ۽ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز عبدالباري پتافي نوشهروفيروز پهچي ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري سان سندس گهرواري ايم پي اي شهناز انصاري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي دعا گهري. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته شهناز انصاري جو واقعو انتهائي افسوس ناڪ آهن اسان سنڌي آهيون اسان جي معاشري ۾ ڪنهن نياڻي کي ائين بيدردي سان قتل ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي قاتلن نياڻين جي سامهون شهناز انصاري کي قتل ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته شهناز انصاري سڄي عمر پيپلزپارٽي جي ورڪر ٿي ڪري ڪم ڪيو جنهن جي موت تي صدمو پهتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خون ڪنهن جو رائيگان نه ويندو بلاول ڀٽو زرداري جي شهناز انصاري ۽ شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي واقعن تي نظر آهي ۽ قاتل ضرور ظاهر ٿيندا. ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت جنهن جي به انهن واقعن ۾ لاپرواهي ثابت ٿي ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري خان اعواڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هيا.

COMMENTS