لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ مسلمان ٿيڻ بعد پسند جي شادي ڪندڙ سِک ناري ۽ سندس مڙس کي ڌمڪيون ملڻ خلاف درخواست تي ڊائريڪٽر فارينزڪ ليب کان رڪار...
لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ مسلمان ٿيڻ بعد پسند جي شادي ڪندڙ سِک ناري ۽ سندس مڙس کي ڌمڪيون ملڻ خلاف درخواست تي ڊائريڪٽر فارينزڪ ليب کان رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ سِک ناري عائشه ۽ نوجوان حسن کي هراسان ڪرڻ خلاف جوڙي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڊائريڪٽر فارينزڪ ليب لاهور کي رڪارڊ سوڌو طلب ڪري ٻڌڻي 17 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر فارينزڪ لاهور رضوان صابر کي به طلب ڪيو، جنهن عدالت آڏو پيش ٿي ٽيليفونڪ ڳالهه کي ناڪاري قرار ڏنو.
عدالت دارالامان ۾ سِک ناري عائشه سان وڏي ڀيڻ کي ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي. درخواستگذار موقف رکيو آهي ته ناري عائشه مذهب تبديل ڪرڻ بعد لاهور ۾ شادي ڪئي، جنهن تي سِک برادري جي ماڻهن طرفان کيس ڌمڪيون ڏيڻ سميت هراسان ڪيون وڃي ٿو. درخواست ۾ جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

COMMENTS