سلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير عمر ايوب طرفان مسٽر ٽين پرسنٽ چوڻ تي تقرير دوران احتجاج ۽ گوڙ ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز هٿ...
سلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير عمر ايوب طرفان مسٽر ٽين پرسنٽ چوڻ تي تقرير دوران احتجاج ۽ گوڙ ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز هٿئين پئجي ويا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ توانائيءَ واري وفاقي وزير عمر ايوب پنهنجي تقرير ۾ اپوزيشن جماعتن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ صدر هوندو هو، جيڪو مسٽر ٽين پرسينٽ طور مشهور هو، سندس اهڙي جُملي تي پيپلز پارٽي جي ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ ڪيو. عمر ايوب جي روڪڻ تي پيپلز پارٽي جا ميمبرز سيٽس تان اٿي بيٺا ۽ وفاقي وزير جو گهيرو ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزيرن سميت حڪومتي ميمبرز به عمر ايوب جي حمايت ۾ اڳتي آيا. ڊپٽي اسپيڪر صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، جڏهن ته ميمبرز هٿئين پئجي ويا، اپوزيشن ميمبرز ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته هُن ڪنهن جو نالو نه ورتو آهي، جنهن تي پ پ ميمبرز ايوب ڊڪٽيٽر مرده باد جا نعرا هنيا. ايوان ۾ گوڙ ۽ هنگامي واري صورتحال ڪنٽرول ۾ نه ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

COMMENTS