ڏوڪري ڀرسان مشھور درگاه سيد تيمور شاه جو ساليانو عرس مبارڪ جون شروع ٿي ويو آھي ميلي ۾ ثقافتي راند مله ملاکڙو ڪرايو ويو جنهن ۾ سنڌ جا مختلف م...
ڏوڪري ڀرسان مشھور درگاه سيد تيمور شاه جو ساليانو عرس مبارڪ جون شروع ٿي ويو آھي ميلي ۾ ثقافتي راند مله ملاکڙو ڪرايو ويو جنهن ۾ سنڌ جا مختلف مله پلهوانن ملاکڙي ۾ حصو ورتو جڏھن ته پهرين ٻئين ٽئين جوڙ جا مله پلهوانن ميلي ۾ حصو ورتو جنهن ۾ پهرين جوڙ جا مله پلهوان مجيد اعواڻ شوڪت سيال ٻئين جوڙ ۾ سيد اصغر شاه خالد شيخ صدام بيهڻ جڏھن ته ٽئين جوڙ ۾ رفيق سيال غلام شبير زهري ملاکڙي ۾ حصو ورتو.ميلي ۾ ھڪ ٻي کي مله پلهوانن دسي خوب داد حاصل ڪيو جڏھن ته ڪيترائي مله پلهوان بيهوش ٿي ويا.جڏھن ته عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن کان حضرت سيد تيمور شاهه جيلاني جي عقيدتمندن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.جڏھن ته عقيدتمند مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ لڳندڙ ميلي جي رونقن مان ماڻهو لطف حاصل ڪري رهيا آهن. ميلي ۾ ٻارڙن جي تفريح لاءِ چڙيا گهر،موت جو کوه ڦرڻيون مٺائي جا دڪان ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا.ان موقعي يوسي چئرمين محمد رحيم ٽاٽڙي وڏيرو محمد علي راڄپر صحافي عبدالجبار ميمڻ صحافي جي ايم جهتيال ربنواز کوسو محمد ابراهيم جهتيال ۽ ٻيا موجود هئا.

COMMENTS