خيرپور (رپورٽر) اي سيڪشن پوليس چئن مهينن کان چوري ڪيس جي جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهي، نه ڪيس داخل ٿيو نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي، فري...
خيرپور (رپورٽر) اي سيڪشن پوليس چئن مهينن کان چوري ڪيس جي جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهي، نه ڪيس داخل ٿيو نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي، فريادي ڌر طرفان عدالت ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخلا بعد ڌمڪين جو سلسلو جاري، متاثرن جو احتجاج، تحفظ ۽ قانوني ڪاروائي جو مطالبو. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوستا گاهي محلا جي رهواسڻ مسمات روزينه شيخ پنهنجي ڀاءُ فياض شيخ سان گڏجي صحافين آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڄاڻائيو آهي ته 13 سيپٽمبر 2019 تي نياز کائڻ لاءِ گهرن کي تالا هڻي وياسين ته پاڙي جي شيخ برادري جي جوابدارن گهر جا تالا ٽوڙي گهر ۾ گهري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد گهر ۾ رکيل سونا زيور، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان کڻي ويا. هنن چيو ته اسان اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪاروائي لاءِ پهتاسين مگر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه پيئي ڪري. هنن چيو ته چئن مهينن کان ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور جي هدايتن بعد به پوليس اسان جي ڪا مدد نه ڪئي. جنهن ڪري اسان هاڻ سيشن ڪورٽ ۾ اوستاگاهي محلي جي رهواسي جوابدارن راشد شيخ، رشيد شيخ، رفيق شيخ نياز شيخ، گلزار شيخ ۽ ماجد شيخ خلاف ڪيس داخل ڪرائيو آهي ته ان کان ناراض ٿي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جون زندگيون بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

COMMENTS