ٺري ميرواھ:ٺري ميرواھ پوليس جي زيادتن خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو،پوليس مٿان نوجوان کي بلاجواز کنڀي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ جوالزام،ايس ايچ او...
ٺري ميرواھ:ٺري ميرواھ پوليس جي زيادتن خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو،پوليس مٿان نوجوان کي بلاجواز کنڀي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ جوالزام،ايس ايچ او خلاف نعريبازي، ڌرڻو هڻن جو چتاء تفصيلي خبر موجب ٺري ميرواھ ويجهو ڳوٺ تارڪو بانڀڻ جي رهواسين منظور حسين،ارشاد علي،زبير احمد بانڀڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيدي چيو ته ٺري ميرواھ پوليس اسان لاء ماڪڙ جي عذاب کان به چڙھي وئي آھي اسان جو نوجوان زبير احمد هوٽل تي ماني کائي ڳوٺ ڏئي موٽي رهيو هو ته پوليس رستي تان بلاجواز کنڀي لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن کي 13 هزار رشوت عيوض آزاد ڪيو ويو ايس ايچ او ٺري ميرواھ بلاجواز ماڻهن کي کنڀڻ روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايچ او کي فون تي ڪال ملائي ڏني سي ته ايم پي اي ساجد بانڀڻ سان ڳالهايو هن فون کي اڇلائي چيو ته پئسا ڏيو ۽ ماڻهو کڻي وڃو نه ته مان ڪو به قلم هڻي ايف آء آر داخل ڪري ڇڏيندس هنن آء جي سنڌ،ڊي آء جي سکر،ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان اپيل ڪندي چيو ته پوليس ۾ ڀرتي ڪارين رڊن کي فوري طور هٽائي اسان کان ڦريل رقم واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

COMMENTS