سکر(بيورورپورٽ) سينيئر صحافي جميل ساگر جي سالگراه تقريب ۾ قلمڪارن جو چوڻ هو ته صحافت ڪنڊن جي سيج آهي، جنهن تي سمورن صحافين کي اڻاگا سفر ڪري ...
سکر(بيورورپورٽ) سينيئر صحافي جميل ساگر جي سالگراه تقريب ۾ قلمڪارن جو چوڻ هو ته صحافت ڪنڊن جي سيج آهي، جنهن تي سمورن صحافين کي اڻاگا سفر ڪري پنهنجو نالو روشن ڪرڻو پوي ٿو، ڪجهه صحافي عوامي خدمتن ۽ انساني ڀلائي وارن ڪمن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ته ڪجهه وري شهادتن ذريعي رهندڙ دنيا تائين پنهنجو نانءُ ڇڏي وڃن ٿا، جميل ساگر گهانگهرو تمام گهڻي جفاڪشي ۽ محنت سان شاعري توڙي صحافت جي ميدان ۾ ڪاميابي طرف گامزن آهن، صحافت جي اهم شخصيتن سان جميل ساگر جون گهرائيون رکندي به پنهنجي مزاج توڙي طبيعت ۾ ڪو فرق ناهي آندو، اهو ئي سبب آهي جو سندس مٿان قائد صحافت، سالار صحافت لالا اسد پٺاڻ جي خصوصي شفقت ۽ محبت رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ امن سربراهه حافظ رفيق احمد سومرو، ناليوارو اديب بيخود بلوچ، پيپلزيوٿ تعلقه پنوعاقل اڳواڻ انجنيئر نويد ڪلهوڙو، ف ليگ اڳواڻ فقير صدرالدين سميجو، انقلاب يوٿ فورم سربراهه علي گل حسيني، پنوعاقل ۾ هڪ مقامي اخبار جي ۽ سکر جي ناليواري شاعر، اديب ۽ صحافي جميل ساگر گهانگهرو جي گڏيل سالگرهه واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو آهي ته صحافت هڪ اهڙو پيشو آهي جنهن ۾ پير پائڻ کان پوءِ قلم ذريعي عوامي مسئلن لاءِ جھاد ڪرڻو پوي ٿو، کوڙ سارا صحافي قلم جي پورهئي دوران پنهنجون حياتيون به قربان ڪري ويٺا آهن، جن ۾ تازو ئي محرابپور جي سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي شهادت وارو واقعو به شامل آهي، هنن چيو آهي ته سنڌ اندر صحافين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي جمهوريت جي دور ۾ صحافين جو قتل عام آمريت جي ياد تازا ڪري ٿو، ڪجهه ماڻهو آئيني ۾ پنهنجو ڀيانڪ چهرو ڏسي نه ٿا سگهن، جنهن ڪري حق ۽ سچ لکي کين آئينو ڏيکارڻ تي هو صحافين جي جان جا ويري بڻجي وڃن ٿا ۽ کين بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، صحافين ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به شامل آهن جن حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ پنهنجيون ٽوليون ٺاهي صحافت جي معتبر پيشي سان وابسته ناليوارن صحافين جي ڪردار ڪشي ڪري پاڻ کي وڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر کين هميشه ناڪامي نصيب ٿي آهي ڇو ته حق ۽ سچ جو علم هميشه بلند رهيو آهي هنن چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران ڪيل صحافين جي حقن جي جدوجھد ڪنهن کان ڳجھي ناهي، ڏينهن هجي يا رات، ٿڌ هجي يا گرمي ڪا به ويل نه ڏسندي اسان جا اڳواڻ محترم افضل بٽ ۽ صحافين جو سرواڻ لالا اسد پٺاڻ گرمي ۽ سردي ۾ پٽ تي ويهي به صحافين جي مسئلن کي اجاگر ڪري انهن جي حل لاءِ جاکوڙيو آهي، اهڙا امر ڪردار صحافي اسان جو سرمايو آهن، جن جي صف ۾ بيهڻ کي به اسان پنهنجو اعزاز سمجھون ٿا. هنن چيو ته جميل ساگر گهانگهرو تمام گهڻي جفاڪشي ۽ محنت سان شاعري توڙي صحافت جي ميدان ۾ ڪاميابي طرف گامزن آهن، جميل ساگر جي شاعري، ڪهاڻيون، ڪالمن ۾ حقيقي سماجي پهلو شامل هوندا آهن، جميل ساگر جون لکيون پڙهندڙن جو تمام وڏو حلقو جڙي چڪو آهي، ايتري وقت ۾ ايتري قدر تيزي سان ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ کيس راتين جون راتيون اوجاڳا ڪرڻ سندس پيشي ۽ طبيعت ۾ شامل ٿي چڪا آهن. هنن چيو ته جميل ساگر خوبصورت شخصيت جو مالڪ ۽ يارن جو يار پڻ آهي، جميل ساگر فقيراڻي مزاج ۽ کلڻو ملڻو انسان پڻ آهي، جن شخصيتن سان ملڻ لاءِ ماڻهو سڪندا آهن صحافت جي اهڙين اهم شخصيتن سان جميل ساگر گهرائيون رکندي به پنهنجي مزاج توڙي طبيعت ۾ ڪو فرق ناهي آڻيو، جميل ساگر گهانگهرو تمام وڏو عرصو ناليواري صحافي مرحوم جاويد ميمڻ سان گڏ هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪيو، هاڻ تائين به سندس مٿان قائد صحافت، سالار صحافت لالا اسد پٺاڻ جي خصوصي شفقت ۽ محبت رهي آهي. جميل ساگر گهانگهرو چيو ته انتهائي ٿورائتو آهيان سموري سنگت جو جيڪي مون کي ايتري قدر مان بخشين ٿا، سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمر ناهي هوندي، اڃان تائين سکڻ جي مرحلي ۾ آهيان، پرگرام ۾ شهيد صحافي عزيز ميمڻ، ايم پي شهناز انصاري جي قتل ۽ ڪوئٽه سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندڙ ملوث جوابدارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ جي قرارداد پڻ پاس ڪئي وئي. ان موقعي سماجي اڳواڻ قاري عبدالرحيم حنفي، محمد شريف راجپوت، حسن عقيل مغل، عرفان انڍهڙ، پرويز انڍهڙ، ظفر انڍهڙ، عبدالباعث حيدري، عبدالخالق چاچڙ، شڪيل، حسان، سفيان، اسامه گهانگهرو، امير جسڪاڻي، عزيز شيخ، خان محمد ملاڻو، ثناءُ الله منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

COMMENTS