تهران: چين مان ڦهلجندڙ موذي ڪورونا وائرس ايران به پهچي ويو، جتي ٻن ڄڻن ۾ پراسرار ڪورونا وائرس جي تشخيص ٿي آهي . فرانسيسي نيوز ايجنسي موجب اي...
تهران: چين مان ڦهلجندڙ موذي ڪورونا وائرس ايران به پهچي ويو، جتي ٻن ڄڻن ۾ پراسرار ڪورونا وائرس جي تشخيص ٿي آهي.فرانسيسي نيوز ايجنسي موجب ايران جي صحت واري وزير ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻن ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن جو نتيجو مثبت آيو، جنهن کانپوءِ اسلامي جمهوريه ايران ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي وئي آهي.ايران جي نيوز ايجنسي ارنا موجب صحت واري وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته ٻئي ڪيس ايران جي شهر قم ۾ سامهون آيا آهن. ڪجهه ڏينهن کان قم شهر ۾ ڪورونا وائرس جي شڪي ڪيسن تي مشاهدو ڪيو پئي ويو.ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته رپورٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ فوري طور ٽيم رواني ٿي وئي ۽ انهن ٻنهي ماڻهن کي عليحده يونٽ ۾ منتقل ڪري انهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.صحت واري وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته جن ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تشخيص ٿي آهي، انهن جا وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويا، جن جي نتيجن جو اعلان جلد ئي ڪيو ويندو.ياد رهي ته ڪورونا وائرس سان چين ۾ 2000 کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن، جڏهن ته 74000 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ان وائرس جي موجود هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.متحده عرب امارات وچ اوڀر جو پهريون ملڪ هو، جتي ڪورونا وائرس جو ڪيس سامهون آيو هو.

COMMENTS