اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڀارت جا پاڪستان مخالف ارادا خاڪ ۾ ملي ويا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان پاڪستان جي ڪاوشن ...
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڀارت جا پاڪستان مخالف ارادا خاڪ ۾ ملي ويا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان پاڪستان جي ڪاوشن جو اعتراف وڏي سفارتي ڪامياب آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم جي ڪابينا ميمبرن کي سفارتي ڪاميابين کي اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀارتي دوري دوران پاڪستان متعلق بيان جو تذڪرو ٿيو. ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته مودي ٽرمپ کان پاڪستان مخالف بيان ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته نئين دهلي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان پاڪستان جي ڪاوشن جو اعتراف وڏي سفارتي ڪاميابي آهي، ڀارت جا پاڪستان مخالف ارادا خاڪ ۾ ملي ويا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي شهر گجرات ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته پاڪستان سٺو دوست آهي، جنهن سان لاڳاپا تمام شاندار آهن. جڏهن کان آفيس سنڀالي آهي منهنجي انتظاميا پاڪستان سان مثبت انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اجلاس دوران ڪابينا کي هنرمند پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي، پروگرام تحت هڪ لک 70 هزار ٻارن کي هنر فراهم ڪيو ويندو.
ذريعن موجب اجلاس دوران بينظير ايئرپورٽ جي چوطرف گهڻين منزل وارين عمارتن جي اوچائي جي حد جي تعين ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. سيد محمد مهر علي شاهه جي بطور ڪمشنر انڊس واٽر ملازمت واري مدت ۾ ٽي مهينا توسيع جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل گروپ) جي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ سينيٽر جهانزيب جمال ديني لاءِ منع ٿيل بور لائسنس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران سڪندر خان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بطور جج انسداد منشيات مقرري جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي تحفظ واري بل جي منظوري ڏني.

COMMENTS