ڪراچي(رپورٽ رانا طفيل احمد) سنڌ حڪومت جون ڪيتريون ئي گاڏيون اڳوڻن منتخب نمائندن ۽ ڪامورن جي قبضن هيٺ، سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل واري کاتي پاران...
ڪراچي(رپورٽ رانا طفيل احمد) سنڌ حڪومت جون ڪيتريون ئي گاڏيون اڳوڻن منتخب نمائندن ۽ ڪامورن جي قبضن هيٺ، سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل واري کاتي پاران سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪندڙن کي نوٽيس جاري پهرين مرحلي ۾ پ پ جي ايم اين اي شگفته جماڻي، انساني حقن بابت اڳوڻي صلاحڪار ناديه گبول، اڳوڻي سينيٽر الماس پروين، احسان رضا جعفري، اڳوڻي ايم پي اي شهناز بيگم، اڳوڻي صلاحڪار اصغر جوڻيجو، سندس والد محمد خان جوڻيجو، اڳوڻي صلاحڪار مير نصير کوسو، اڳوڻي صلاحڪار جاويد شاهه هاشمي، اڳوڻي ايم پي اي نورجهان بلوچ، ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير شرميلا فاروقي کي گاڏين جي واپسي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرڪاري آفيسرن مصطفي جمال قاضي، موجوده ڊي سي اولهه فياض عالم سولنگي، جعلي ڊگري جي الزام هيٺ معطل ٿيل تعليم کاتي جي اڳوڻي اسپيشل سيڪريٽري سيد ذاڪر حسين شاه، گلزار علي ميمڻ، پاپوليشن کاتي جي آفيسر الهرکيو خاصخيلي، مزمل هاليپوٽو، خليل احمد سومرو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري کاتي جي آفيسر نديم جعفري، اڳوڻي سيڪريٽري ڪليم الله لاشاري، ريحام بگٽي سميت اڳوڻي سيڪريٽري ثاقب سومرو کي به سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي، ذريعن موجب سرڪاري گاڏيون عرصي کان پنهنجي قبضن هيٺ رکندڙ آفيسر توڙي مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙن کي اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا گاڏين جي واپسي لاءِ ليٽر لکيا ويا هئا پر اهي گاڏيون واپس نه پيا ڪن، واضح رهي ته سنڌ جي مختلف کاتن جون 400 کان وڌيڪ گاڏيون اڳوڻن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن جي قبضي هيٺ آهن،

COMMENTS