سکر(بيورورپورٽ) سکر عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ جاڳرتا جو سفر جاري آھي. امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح پير جو ڳوٺ پهتيون. هنن اميد ڏيکاري آھي ته سکر ...
سکر(بيورورپورٽ) سکر عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ جاڳرتا جو سفر جاري آھي. امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح پير جو ڳوٺ پهتيون. هنن اميد ڏيکاري آھي ته سکر ۾ ٿيندڙ مارچ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڃاھ وند شريڪ ٿيندا. عورتن جي حقن لاء آواز اٿاريندڙ امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح 8 مارچ تي سکر ۾ رٿيل عورت آزادي مارچ جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ پير جو ڳوٺ پهتيون. هنن جو پير جو ڳوٺ پهچڻ تي ھوپ پاڪستان ۽ فيمس تنظيم شاندار آجيان ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي عرفانه ملاح , امر سنڌو ,گل جان جماڻي , نبيلا چنا ۽ ٻين چيو ته ھن سال سنڌ جون سوين عورتون ۽ مرد 8 مارچ تي سکر ۾ گڏ ٿي عورتن عالمي ڏھاڙي کي ملھائينديون. سکر ۾ عورت آزادي مارچ ۾ شريڪ سوين عورتون دنيا جي عورتن جي آواز سان پنھنجو آواز ملائي سگهنديون. هنن چيو ته سکر کان جھدوجھد جو آغاز ان ڪري به ضروري آھي ته ھڪ پاسي عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوھن ۾ اتر سنڌ عورتن لاء مقتل گاھ بڻيل آھي جتي عورت کي جانورن جيان ڪٺو وڃي ٿو ان جي خون تي سوديبازي لاء سردارن جي جرڳن جو جھان ھلي ٿو ۽ راڄوڻي فيصلن ۾ عورتن جو وڪرو ٿئي ٿو. هنن اميد ڏيکاري ته عورت آزادي مارچ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڃاھ وند شريڪ ٿي عورت لاء آزادي فرد جيتري برابري ڏيڻ جي گهر ڪندا.

COMMENTS