سکر(بيورو رپورٽ) اصغريه علم وعمل تحريڪ جي چيئرمين سيد حسين موسوي چيو آهي ته ٻار کي حق جي آزادي ، علم جو شوق ۽ دين جي ضرورت سمجھائڻ جي ضرورت ...
سکر(بيورو رپورٽ) اصغريه علم وعمل تحريڪ جي چيئرمين سيد حسين موسوي چيو آهي ته ٻار کي حق جي آزادي ، علم جو شوق ۽ دين جي ضرورت سمجھائڻ جي ضرورت آهي. اصغريه خواتين علم و عمل تحريڪ پاڪستان جو چوٿون ساليانو مرڪزي تربيت اولاد ۽ يوم فاطمه زهرا سلام الله عليها ڪنوينشن خيرپور ضلعي جي بنگل خان چانڊيو ۾ ٿيو. يوم فاطمه زهرا سلام الله عليها جي جلسي ۾ صدارتي تقرير ڪندي مفڪر اسلام انجنئير سيد حسين موسوي چيو ته ٻار جي تربيت لاءِ ضروري آهي ته ان کي پنهنجي عملن ۽ روين ذريعي سيکاريو وڃي، ٻار کي حق جي آزادي، علم جو شوق ۽ دين جي ضرورت بابت ٻارڙن کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ٻارڙن جي دليون نرم هجن ٿيو ۽ صاف ڪاغذ جي مثل آهن انهن تي جيڪو ڪجهه لکجي ٿو اهو سموري زندگي ياد رکي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته سٺن عملن ذريعي ٻارڙن جي نشونما ڪجي ته جئين اهي سٺن اخلاقن جا مالڪ بڻجي سگهن. معلمه طاهرا راجپر، خانم شاڪرا بتول، بتول فاطمه قمي، نصرت زهرا، سيد شڪيل شاهه حسيني ۽ ٻين اڳواڻن پڻ تقريرون ڪيون. نئين مرڪزي صدر جي لاءِ اليڪشن پڻ ٿي جنهن ۾ اڪثريت راءِ سان خواهر نصرت زهرا مرڪزي صدر چونڊجي وئي، جنهن کان حلف چيئرمين تحريڪ سيد حسين موسوي ورتو. ڪنوينشن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، مٽياري، سڪرنڊ، نوابشاهه، نوشهروفيروز،مورو، ڪنڊيارو، راڻي پور، خيرپورميرس، سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، شهداد ڪوٽ، لاڙڪاڻو، مهيڙ، ڪي اين شاهه، دادو، جامشورو سميت ننڍن وڏن شهرن مان عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

COMMENTS