ڪشمور(ڊ ر) ڪشمور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدار عورتن سان ظلم وظيفي جي قسط تي ڌاڙو ايزي لوڊ شاپ وارا بايو ميٽرڪ وٺڻ بعد وظيفي ڏيڻ تي 5...
ڪشمور(ڊ ر) ڪشمور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدار عورتن سان ظلم وظيفي جي قسط تي ڌاڙو ايزي لوڊ شاپ وارا بايو ميٽرڪ وٺڻ بعد وظيفي ڏيڻ تي 500 رپيا ڪٽوتي ڪرڻ ۾ مصروف انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل، خبر موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رجسٽرڊ حقدار عورتن جي لاء 9000 ھزار وظيفي طور جاري ٿيڻ تي ڪشمور جي مختلف ھنڌن تي قائم ايزي لوڊ شاپ وارا سرگرم بڻجي حقدار عورتن کان بايو ميٽرڪ وٺڻ بعد 9000 ھزار رپين جي وظيفي تي غيرقانوني طور 500 رپيا ڪٽوتي ڪري ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ مصروف بڻيل آهن، ايزي لوڊ شاپ وارن جي ناجائزين خلاف بي آء ايس پي جي رجسٽرڊ عورتن احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ھر دفعي جڏهن به وظيفي جي قسط شروع ٿيندي آهي ته موبائل مارڪيٽ، ديرا موڙ، مراد واھ بازار ۽ سردارو اڏي سميت ٻين ھنڌن تي قائم ايزي لوڊ شاپ وارا ايجنٽ مافيا سان ڳٺ جوڙ ڪري سرگرم بڻجي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪري عورتن جي حقن تي ڌاڙو ھڻندا آهن اھڙي قسم جي ٿيندڙ ناجائزين خلاف ڪيترائي ڀيرا شڪايتون اختيارين ڏانهن ڪيون آهن ليڪن انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي تنھن ڪري دڪاندار ۽ ايجنٽ مافيا بنا ڪنهن خوف ھر دفعي ڪٽوتي ڪري ڪک پتي مان لک بڻجي ويا آهن ھنن احتجاج ڪندڙ عورتن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ, بي آء ايس پي جي چيئرمين ۽ ڊي سي سميت ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري وظيفي جي مڪمل قسط ڏياري ڪٽوتي ختم ڪئي وڃي

COMMENTS